Tuesday, October 1, 2019

شاه جو شعر ۽ شاعري

Normal 0 false false false EN-US X-NONE AR-SA MicrosoftInternetExplorer4 ...

Monday, September 30, 2019

لطيفي لات

ھيء دنيا جا ڍونڍ مثل آھي، تنھن تي انسان جو من، جو ڪانء جي مثل آھي، سو وڃيو اجھڙي ۽ اونڌي ھلت ھلي ٿو. جتي ڪا حق جي ڳالھ پيئي ھلندي ھوندي، اتي به استخوان آڻي ٿو. جنھن جي ڪري ھڏي تي ھوڏ ھلي ٿي، جتي به ويھي ٿو، تتي وٺ لاھي ٿو ۽ پنھنجي ذاتي سڀاء ظاھر ڪري ٿو. حق جي حد اورانگھيو وڃي ٿو ۽ دنيوي سياڻپ ھلائي ٿو جنھن ڪري اھڙو ڏاھو ڪانء ٻه ڄنگھو ڦاسي ٿو. اھو ساڳيو من جو دنيا خاطر دين وڃائي ٿو ۽ اونڌا رستا اختيار ڪري ٿو، سو ئي ساڳيو سنئين واٽ تي ھلائجي ٿو ته پرينء جو پانڌيئڙو ٿي سگھي ٿو، تنھن ڪري سررپ جي ڪن بيتن ۾ ڪانگل کي قريبن جو قاصد بڻايو اٿس ۽ کيس پرينء...

اياز جو خط ابراهيم جويو ڏانهن

ڪئينس روڊ، سکر 1955 پيارا ادا ابراهيم، هاڻي سُر “يمن ڪلياڻ” جي پنجين داستان جي آخري وائي، اردو گيت ۾ ترجمو ڪئي اٿم. رات جا ٽي لڳا آهن، ڪتيون ڪر موڙڻ لڳيون آهن ۽ ڪائنات جا نيڻ ننڍ اکرا آهن. وائيءَ جي هيٺين سٽ روح ۾ رقت جون لهرون اُڀاري رهي آهي: “جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!” اڄ اها سٽ منهنجي آس نراس جي آرسي آهي، منهنجي ساريءَ روحاني ڪشمڪشن جي آئينه دار آهي. گويا اها سٽ هڪ هندورو آهي، جنهن ۾ منهنجو هِينئون جُهولي رهيو آهي. ڪهڙي نه ڳوڙهن ڀري ڳوڙهائي آهي. اُن ۾ ڪهڙو نه معنيٰ ڀريو ميٺاج! “ننڊ نه هيريو نيڻ....!” منهنجو تصور اُڏاڻو: صديون...

ڍاٽڪيءَ ذريعي تعليم وِڇوٽيون وڌائيندي!!

ٿَر، جيڪو سنڌ جي سُونهن به آهي ته درد وَندن جو ديس به آهي. اهو ٿر ئي آهي، جتان جي مارئيءَ سمورن سنڌين کي حب الوطنيءَ جو درس ڏنو. تاريخ هتي رهندڙن هندن، مسلمانن، ميگهواڙن ،ڪولهين ۽ ڀيلن کي اصل سنڌي ڄاڻائي ٿي. هي ماڻهو هزارين سالن کان هتي ئي آباد آهن. ٿر جي وارياسين ڀٽن جي ڊپ کان هِن پاسي شايد ئي ڪا لڏ پلاڻ ٿي هُجي، جيڪي ٿريا ڏڪار ۾ لڏي ويندا آهن، سي به واپس اچي ويندا آهن. سنڌ توڙي سنڌي ٻوليءَ سان ٿرين جو ازلي عشق آهي. توڙي جو ٿر جا ڪجهه قبيلا پاڻ ۾ ڍاٽڪي يا مارواڙي ڳالهائن ٿا پر مجموعي طور سندن ٻولي سنڌي ئي آهي. هو صدين کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهن...

لطيفي لات

سج، چنڊ، تارا، ڪتيون ۽ سھسين سيار، جي ڏھاڙي اکين سان ڏسون پيا، تن مان اسين ڪو به سبق ڪونه ٿا سکون، پر ھن الله جي عاشق انھن سان به عجيب اورون ويھي اوريون آھن. چنڊ تنھنجي ذات، سڀ مڙھايان سون سين، پرين آھن پنڌ ۾، کڙ سڄيائي رات، اچن جنھين سات، پوء لھي وڃ لطيف چئي. مطلب ته منھنجو پرين مون وٽ اچڻ لاء ھيئنر پنڌ ۾ آھي، تنھن ڪري اي چنڊ! تون سڄي رات کڙي بيھ، ته سڄڻ کي مون وٽ اچڻ ۾ ڪا مشڪلات نه ٿئي، جنھن وقت سڄڻ اچي مون وٽ پھچي، تنھن وقت تون ڀلي لھي وڃج، ته مان اوندھ ۾ (لوڪون لڪائي) پنھنجي پرينء سان ريجھ رھاڻ ڪريان. ڀيرومل مھرچند آڏوا...

لطيفي لات

چنڊ کي چورائي، ڇپر! نيئي نه ڍڪيئن، اونداھي آھي، اجھو عاشقن جو. چنڊ نڪرندو آھي ڇپر يا ڏونگر جي پٺئين پاسي، تنھنڪري، ڇپر کي چوي ٿو ته چنڊ کي پنھنجي پٺيان ڍڪي ڇڏ (ته اڀري ئي نه) ڇاڪاڻ ته عاشقن جو اجھو آھي اوندھ! سج جو تجلو ۽ چنڊ جي چانڊاڻ ڏسي، مالڪ جي جلوي ۽ جلال جو تصور ڪري چيو اٿس ته؛ سھسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن، بالله ري پرين، سڀ اونداھي ڀانيان. ڀيرومل مھرچند آڏوا...

اديبن، مُحققن، سگهڙن، شاعرن ۽ صحافت سان لاڳاپيل علم ڌڻين جي نانءِ

هيءَ ھڪ حقيقت آھي ته مان پاڻ اڃا تائين سگهڙائپ جي ”س“ تائين به نه پهتو هان ۽ سگهڙ ھُجڻ ھڪ وڏي غنيمت آھي. سگهڙ لفظ جي معنيٰ تي جيڪڏھن اسان پورا لهون ته اها وڏي ڳالھ آھي پر ان لفظ تي پورو به هن بيقدريء واري دور ۾ ڪيئن لهي سگهبو؛؛؟  جنهن دؤر اندر اسانجي قومي ادب ”لوڪ ادب“ سان گڏ سنڌي لوڪ ثقافتي ورثي کي بنھ نڌڻڪو ڇڏيو ويو هجي ۽ اسانجو ڪلچر پرڏيهي اٿڻي ويهڻي سبب زوال پذير ٿيندو هجي ته ان ماحول ۾ سگهڙائپ کي سَڪرات ۾ ڏسي هيانءُ ھُري، جيءُ جهُري رهيو آھي. اڄ مان پنهنجي ٻوليء جي ٻاجهارن ۾ ڳڻيا ويندڙ (ادب جي مٿان ٻوجھ بڻيل ڪجھ) نام نهاد اديبن ۾ لوڪ...

 
a
© 2016 Designed & Translatedby Aamir Khan Chachar