Tuesday, October 1, 2019

شاه جو شعر ۽ شاعري

سنڌ ڏيھ ۾ شاعرن جي ڪمي ڪانهي. گهڻن ئي درجن جا شاعر ٿي گذريا آهن، ۽ اڃا تائين به پيا ٿيندا. جيستائين حُسن ۽ حق، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آهن تيستائين شعر جو ميدان پڻ گرم رهندو. پر شعر کي به لاها چاڙها آهن. بعضي سندس زمين آباد آهي ته بعضي غير آباد. جڏهن انساني سڀاءُ، روحاني شين کان وڌيڪ، جسماني شين ڏي مائل ٿيندو آهي. تڏهن شعر جي بازار به البت بي رونق ٿي ويندي آهي. پر وري وري نوان نوان رنگ روپ ڌاري وڃي پنهنجي اصلوڪي اوج تي رسندو آهي. شعر، نيڪ نيتن، پاڪ خيالن ۽ عشق جي اُمنگن جو ترجمان آهي، ڪير ڄاڻي ته ڪَر هاڻ پڻ ڪو وڏو شاعر فطرت جي ڪُک ۾ سمايل هجي، جنهن جي آجي ٿيڻ جو اڃا وقت نه آيو هجي.
        سچل ۽ ساميءَ، بيدل ۽ بيڪس، يوسف ۽ صادق جا نالا ته هر ڪنهن سُئا هوندا. هر هڪ جي ڪلام ۾ پنهنجي پنهنجي خوبي ۽ لذت آهي. ڪن پڙهندڙن کي هڪڙي مان مزو ايندو ته ڪن کي ٻئي مان. پر شاھ لطيف جهڙو هر وجه ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر، سنڌ ۾ اڃا ڪونه پئدا ٿيو. اهڙو ڪو سنڌي خواندو مشڪل لڀندو، جنهن کي سندس ڪلام جي سڪ نه هوندي. ۽ اهڙو ڪو هنڌ خالي نه هوندو، جتي سندس شعر جو پڙاڏو ڪَنِ نه پوندو. سندس شاعراڻي “کستوريءَ جي خوشبوءِ سڀ ولايت واسي ڇڏي آهي.” شاه ئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪُلي لياقتون موجود آهن. سندس خيالي قوت جو هڪ وڏو پرياڻُ هي آهي ته جئن جئن اسين سندس شعر تي اونهو غور ڪنداسين، تئن تئن اسان ۾ نئين نئين حيرت اُتپن ٿيندي. ٻين شاعرن جي خيالي قوت پڻ چڱي آهي، مگر شاھ جي دز کي به نه رَسي سگهندا. شاھ جو ڪلام، خواه خلوت ۾ پڙهبو خواه محفل ۾، خواه ڪنهن مثال يا ٽيڪا طور ڪتب آڻبو، ته نيون نيون خوبيون اسان جي اچرج جو ڪارڻ ٿينديون. ۽ سندس طبع جي فراوانيءَ جي شاهدي ڏينديون. ۽ وري وري پڙهڻ سان سندس شعر ۾ ضرور اهڙي ڪا نئين نزاڪت نظر چڙهندي جا اڳي اک کان گُسي وئي هوندي. اهڙو ڪو ورلي لڀندو جنهن کي شاه جي مهراڻ مان معنيٰ جا موتي هٿ نه آيا هجن يا جو سياڻپ ۾ ساڃاه جي سبق پرائڻ کان محروم رهيو هجي.
جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهين
وڃيو مَن لائين، پريان سند پار ڏي
ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتري قدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر منجهس جمال جي مُشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي ۽ جيتري قدر اُن مشاهدي جي ڪري سندس جِيءَ ۾ جذبا ۽ اُمنگ اُٿن ٿا. جمال جا پڻ ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ: طبيعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني. مگر در حقيقت سڀ حُسن جو مول هڪ ئي آهي ۽ جنهن جنهن ويس ۾ پاڻ کي پڌرو ڪري ٿو تنهن تنهن ويس جي پسڻ سان نينهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا. دنيا ۾ ادنيٰ مان ادنيٰ انسان به حُسن تي حيران آهي ۽ ڏانهس رغبت رکي ٿو. مگر اها رغبت اڪثر منجهس پنهنجي ڪامنا پوري ڪرڻ جي اِڇا اُتپن ڪري ٿي، ڀل ته اها اِڇا ڪيتري به اَڻ لکي هجي. اهڙو ماڻهو صرف مشاهدي سان گهڻي تائين ريجھ رهاڻ ڪرڻ جو لائق نه آهي، ستت ئي پنهنجي ڪامنا سڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جو سندس اصلي ۽ آخرين مقصد آهي. اهوئي سبب آهي جو هو قدرتي توڙي صنعتي حُسن جي نظاري مان سگهو ئي ڪَڪِ ٿيو پوي. پر شاعر جي حالت ۾ پهريون ئي پهريون اثر، جو حسن جي مشاهدي ڪري مٿس پئدا ٿئي ٿو سو آهي سندس “وجود جو ورق” ڌوئي صاف ڪرڻ. سندس ساري هستي سونهن واري شيءِ جي مشاهدي سان ڀرجيو ٽمٽار ٿيو پوي. پوءِ اها شيءِ خواه قدرتي نظارو هجي، جهڙوڪ چمن جو چهچٽو، درياه جي لس ليٽ، چنڊ جي چٽائي، تارن جي جهرمر ڪَڪَن جي ڪارونڀار وغيره؛ خواه انساني حسن جو جلوه هجي جهڙوڪ: سپرينءَ جي سونهن، لالن جو لبيس، معشوق جو ناز ۽ سندس هار سينگار وغيره وغيره. شاعر اهڙي مشاهدي ۾ پاڻ کي محو ڪريو ڇڏي ۽ پنهنجي شخصيت کي وساري خود شيءِ جي آرسي بنجيو پوي. اهڙي وقت ۽ اهڙيءَ حالت ۾ پروڙيل حقيقت نس پس اها شيءِ نه آهي، مگر خود “سونهن جو سر” جنهن مان اها شيءِ ڦُٽي نڪتي آهي. پروڙيندڙ ۽ پروڙيل شيءِ ٻئي پنهنجو پاڻ وڃايو ليءَ ٿيو وڃن. يوسف نالي شاعر اها حقيقت هن ريت نروار ڪئي آهي.
محبوب ڪِي صورت ۾ گم هوڪي ويک نظارا آپ سارا
شاعر کي نه فقط اهڙو نشڪام يا لاطمع مشاهدو نصيب ٿئي ٿو مگر ان جي اظهار ڪرڻ لاءِ پڻ سندس دل ۾ هڪ جنبش جاري ٿئي ٿي. ۽ سيمابي صورتون، جي مشاهدي بعد سندس اڳيان تري رهيون آهن، تن کي هڪ محڪم ۽ سهڻي شڪل ڏئي، ٻين انسان جي دلين ۾ پڻ اهڙن جذبن اُٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جهڙا مشاهدي وقت سندس دل ۾ اُتپن ٿيا هئا. هو هاڻ پاڻ کي، گويا هڪ پيغمبر يا داعي ڪري سمجهي ٿو. حق ۽ حسن جو هوڪو ڏئي ٿو ۽ انسان ذات جي آنتي ۽ آسائش جو ڪارڻ بنجي ٿو. ۽ ماڻهو پڻ اهڙي اعليٰ انسان وٽان حياتي ۽ حياتيءَ جي سچي مقصد جو سبق ڀليءَ ڀت پرائي سگهن ٿا. سندس پيغام هڪ قسم جو الهام آهي. مولانا رومي فرمائي ٿو:
شاعري جزويست از پيغمبري__جاهلانش ڪفر دانند از خري
پر شاعر ۾ به فقط حسن جي مشاهدي ۽ حقيقت جي پروڙ جي قابليت هئڻ گهرجي، گهر ان سان گڏ هڪ ٻئي هنر جو پڻ هئڻ ضروري آهي جنهن کي شاعري صنعت چئجي ٿو. شاعر ان صنعت جي وسيلي، پنهنجن خيالن ۽ جذبن کي اهڙن عمدن ۽ اثرائتن لفظن ۾، اهڙي سليس مگر رنگين عبارت ۾، اهڙن نون ويسن ورنن ۾، اهڙي ڍنگ ۽ طرز سان بيان ڪري ٿو جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جون دليون بي اختيار ڇڪجيو وڃن. ۽ اها نقش ڪيل تصوير سندن اکين اڳيان پئي ڦِري. ازانسوءِ وزن ۽ ڪافئي جو پڻ ضرور آهي، جنهن جي ذريعي شاعر جو ڪلام وڌيڪ لطيف ۽ لذيذ ٿئي ٿو. پر ڪلام اهڙو هئڻ گهرجي جو ماڻهن جي دلين تي بجليءَ جهڙو اثر پيدا ڪري. انهيءَ لاءِ ڪن ٻين خاصيتن جو پڻ شاعر ۾ هئڻ واجب آهي جن جي دوران شعر جو حسن هيڪاري نڪريو نروار ٿيو پوي. اها ڪامل شاعر جي آخرين منزل آهي. اُهي خاصيتون آهن: فصاحت، سلاست، جدت ۽ جوش.
        فصيح ڪلام اهو آهي جنهن ۾ هر هڪ لفظ اهڙو ڪم آيل هجي جنهن جي اُچار ڪرڻ ۾ زبان کي ڪابه تڪليف يا هٽڪ نه ٿئي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهن ڪڏهن مگر هميشه شاعر جي ڪلام ۾ اختيار ڪيل هجي نه ته سندس ڪلام کي فصيح نه چئبو.
        بلاغت اها آَهي جو ڪلام وقت ۽ حال جي مطابق هجي. انسان ۾ هر طرح جا پُور ۽ جذبا اُٿن ٿا، ڪڏهن غم ۽ غصو، ڪڏهن کل ۽ خوشي، ڪڏهن ڳڻتي ۽ فڪر، ڪڏهن مستي ۽ مدهوشي، ڪڏهن عشق ۽ محبت ۽ ڪڏهن بيتابي ۽ بيقراري وغيره وغيره. شاعر کي اهي سڀئي حالتون اهڙيءَ صفائي، چٽائي ۽ درستيءَ سان مختصر پر مائيدار لفظن ۾ بيان ڪرڻ گهرجن جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو ڌيان کُپي وڃي ۽ سندس سحر نگاري تي موهت ٿي پون.
        سلاست جي معنيٰ آهي ته ڪلام ۾ اهڙا لفظ آيل هجن جي روزمره ماڻهو استعمال ڪن ٿا. استعارا، تشبيهون ۽ ٻيون ڪلامي صنعتون اهڙيون ساديون ۽ سوليون هجن جو ماڻهو هڪدم پروڙي سگهن ۽ هر هڪ ماڻهو پنهنجي پنهنجي فهم ۽ لياقت آهر ان مان لطف ۽ مزو حاصل ڪري سگهي. سڀ کان سهڻو شعر ان کي چئبو آهي جو ڪو ماڻهو ان کي پڙهي يا ٻڌي ته ازخود ايئن چوي ته “سچ آهي” ۽ ان جي سلاست سادگي ڏسي دل ۾ اچيس ته اهڙو ڪلام “ آءٌ پڻ چئي سگهان ٿو” مگر جڏهن چوڻ جي ڪوشش ڪري ته وايون بطال ٿيو وڃنس.
        جدت جي مراد آهي ته شاعر کي گهرجي ته موضوع اهڙا علحدا علحدا اختيار ڪري جن تي ٻين شاعرن پنهنجي طبع آزمائي نه ڪئي هجي يا جيڪڏهن ڪئي هجين ته به انهن کي اهڙي طرز ۽ نموني ۾ ادا ڪري جو ايئن معلوم نه ٿئي ته ڪنهن جي نقل يا تنبع ڪيو اٿس. ازانسوءِ پنهنجو مطلب اهڙن نون نون طريقن سان بيان ڪري، ۽ هڪڙي خيال کان ٻئي خيال ڏي ۾ اهڙي ڪاريگري ڪتب آڻي جو پڙهندڙ جو ڌيان ٽُٽي نه وڃي. ۽ پڻ سندس لفظن ۽ جملن ۾ اهڙو اثر ۽ جوش هجي جو ڀانئجي ته اهي ۽ لفظ ۽ جملا اندر مان اُڌما ڏيئي نڪتا آهن.
        شاه لطيف ۾ مٿيون ڄاڻايل لياقتون هر طرح هيون. رواجي شاعرن تي غور ڪبو ته ڏسڻ ۾ ايئن ايندو ته ڄڻ ٻُسو ئي ٻُسو آهي يا ته رڳو حسن جون هاڪون ۽ عشق جون صدائون آهن يا ته رڳو تصوف ۽ ويدانيت جا متا مڙهيل آهن؛ يا ته فقط وحدانيت جي واکاڻ آهي. اهو حال نه فقط سنڌي شاعرن جو آهي پر اڪثر ڪري هندستان جي ٻين شاعرن جو پڻ. پر شاه لطيف جو شعر طرح طرح ڀاتين جو آهي؛ نهايت رنگين ۽ گوناگون آهي. هر قسم جي شاعريءَ جو استاد هو. سنڌ ڇڏيو پر هندستان ۾ به سندس مَٽُ ڳولڻ مشڪل آهي. سندس نالو دنيا جي نام ڪٺين شاعرن جي دفتر ۾ داخل ٿيڻ جو هر وجه لائق آهي. شاج جي شاعراڻي ڏات اهڙي اعليٰ درجي جي هئي، جو شاعريءَ جو ڪو به فن نه آهي جنهن ۾ سندس دماغ درياءَ جي لهرن وانگر ڇوليون نه هيون هجن. هر طرح جا مضمون سندس خيالي خزاني ۾ ميسر آهن ۽ هر قسم جون خوبيون سندس عبارت ۾ موجود پڻ. مختلف موقعن لاءِ سندس عبارت مختلف آهي. هر طرف سان سندس ذات باڪمال هئي. جيڪڏهن صرف شاعر ڪري ليکبس ته شاعرن جو شاه هو، جيڪڏهن صوفين جي صف ۾ شامل ڪبس ته فاني في الله هو، ۽ جيڪڏهن عاسقن جي قطار ۾ ڳڻبس ته عاشقن جو تاج هو. سندس ڪماليت جو دامن نهايت وسيع هو.
سعيد سارنگ قريشي
حوالو : پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻي

Monday, September 30, 2019

لطيفي لات

ھيء دنيا جا ڍونڍ مثل آھي، تنھن تي انسان جو من، جو ڪانء جي مثل آھي، سو وڃيو اجھڙي ۽ اونڌي ھلت ھلي ٿو. جتي ڪا حق جي ڳالھ پيئي ھلندي ھوندي، اتي به استخوان آڻي ٿو. جنھن جي ڪري ھڏي تي ھوڏ ھلي ٿي، جتي به ويھي ٿو، تتي وٺ لاھي ٿو ۽ پنھنجي ذاتي سڀاء ظاھر ڪري ٿو. حق جي حد اورانگھيو وڃي ٿو ۽ دنيوي سياڻپ ھلائي ٿو جنھن ڪري اھڙو ڏاھو ڪانء ٻه ڄنگھو ڦاسي ٿو.
اھو ساڳيو من جو دنيا خاطر دين وڃائي ٿو ۽ اونڌا رستا اختيار ڪري ٿو، سو ئي ساڳيو سنئين واٽ تي ھلائجي ٿو ته پرينء جو پانڌيئڙو ٿي سگھي ٿو، تنھن ڪري سررپ جي ڪن بيتن ۾ ڪانگل کي قريبن جو قاصد بڻايو اٿس ۽ کيس پرينء وٽ پارانڀن (نياپن) پھچائڻ جو تاڪيد ڪيو اٿس.

ڪانگل! ڪڍي تو ڏيان، ھينئون ساڻ ھٿن،
وڃي کاء ولات ۾ اڳيان عجيبن،
پرين مان پڇن، ته ھئن قرباني ڪير ٿي؟

ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

اياز جو خط ابراهيم جويو ڏانهن

ڪئينس روڊ، سکر 1955

پيارا ادا ابراهيم،

هاڻي سُر “يمن ڪلياڻ” جي پنجين داستان جي آخري وائي، اردو گيت ۾ ترجمو ڪئي اٿم. رات جا ٽي لڳا آهن، ڪتيون ڪر موڙڻ لڳيون آهن ۽ ڪائنات جا نيڻ ننڍ اکرا آهن. وائيءَ جي هيٺين سٽ روح ۾ رقت جون لهرون اُڀاري رهي آهي:
“جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!”
اڄ اها سٽ منهنجي آس نراس جي آرسي آهي، منهنجي ساريءَ روحاني ڪشمڪشن جي آئينه دار آهي. گويا اها سٽ هڪ هندورو آهي، جنهن ۾ منهنجو هِينئون جُهولي رهيو آهي. ڪهڙي نه ڳوڙهن ڀري ڳوڙهائي آهي. اُن ۾ ڪهڙو نه معنيٰ ڀريو ميٺاج! “ننڊ نه هيريو نيڻ....!” منهنجو تصور اُڏاڻو: صديون سميٽ جي ويون ۽ مون اُنهيءَ ازلي مست کي ڀٽ تي، ستارن جي ڇانوَ هيٺيان ڏٺو. مون ڏٺو ته لطيف پنهنجيءَ لات ۾ سراپا محو هو. هن جي اکين اڳيان لفظ ڪتين وانگر جهرمر لڳائي بيٺا هئا، ۽ هُو اُنهن مان سِتارا ڇِنندو، پوئيندو ٿي ويو. چوڌاري جهرجهنگ راتڙيءَ جي گود ۾ آرامي هو. پسون پکي سُتا پيا هئا، ليڪن ڀٽ ڌڻيءَ جي اکڙين ۾ ازلي اوجاڳو هو، گويا آتشين شراب سندس روح ۾ رچي رهيو هو، گويا رمزون ۽ راز اُن جي مڌ ڀرئي هڳاءَ وانگر ڦهلجي رهيا هئا. هن تنبور کڻي تار ڇيڙي. لوهه جي لڱن مان سيسڙاٽ اُڀري ويا، تند وڄڻ لڳي، رڳون رباب ٿينديون ويون، هن جي ساهه ۾ ابدي نغما سميٽبا سمائبا ويا. راڳ مان ويراڳ وسڻ لڳو.
وسارج    مَ ويڻ،    جوڀن      ٻه      ٽي   ڏينهڙا!
لوٺيون     سهن   لوڪ جا،     وهاڻيءَ ٿيو ويڻ!
                                                 جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
اصل       اَ سارن       جا،      سُتي     ويڙا   سيڻ!
                                                جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
جيڏيون، جي مان وَسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!
                                                جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
راتڙيون جاڳن  جي، سي آءٌ ڪندڙي سيڻ!
                                               جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، جهل تون ننڊان نيڻ!
                                               جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!

هر سٽ ۾ روحاني اضطراب آهي، هڪ مسلسل ڪيفيت آهي، جنهن جو جيئن پوءِ تيئن تاثر گهرو ٿيندو پيو وڃي. اُنهن ۾ زندگيءَ جي تخليقي دور جي بي ثباتيءَ ۽ زندگيءَ جي تخليق جي ثبات جو اهڙو حسين تضاد پيدا ڪيو ويو آهي، جو هر سٽ کي چُمي اکين تي رکي، روح جي رحل ۾ ويڙهي رکجي!
مٿينءَ وائيءَ جي گهرائي اُهو ئي محسوس ٿو ڪري سگهي، جنهن جي اکڙين جي اوجاڳن سان ياراڻي هجي، جنهن ساريون ساريون راتيون ستارن جي سنگ گذاريون هجن، جنهن جا شعر سندس نيڻن جي ننڊ مان جڙن، جا جاڳي، جلي، لوچي ۽ لهي.
ادا، هن دفعي مون لطيف سائينءَ کي ڪافي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي، ۽ پهريون دفعو صحيح معنيٰ ۾ هن جي فن جي عظمت محسوس ڪئي آهي. ترجمي ڪرڻ وقت مان هر بيت کي ڪيئي ڀيرا پڙهندو آهيان. ڪائي ازلي مستي وير وانگر وڌندي ايندي آهي، جا منهنجي روح کي ڇولين جي ڇوهه ۾ چوٽيءَ چاڙهي ڇڏيندي آهي، جتان مان سمنڊ جي سيني ۾ گهوري ڏسندو آهيان ۽ منهنجو روح پاتار ۾ پيهي، سپون سُونجهڻ لاءِ مضطرب هوندو آهي. رسالي جو اردو نظم ۾ ترجمو منهنجي بهترين عبادت آهي. شال، مان اهو ڪم توڙ تائين سر انجام ڏيئي سگهان!

تنهنجو پنهنجو
اياز

ڍاٽڪيءَ ذريعي تعليم وِڇوٽيون وڌائيندي!!

ٿَر، جيڪو سنڌ جي سُونهن به آهي ته درد وَندن جو ديس به آهي. اهو ٿر ئي آهي، جتان جي مارئيءَ سمورن سنڌين کي حب الوطنيءَ جو درس ڏنو.

تاريخ هتي رهندڙن هندن، مسلمانن، ميگهواڙن ،ڪولهين ۽ ڀيلن کي اصل سنڌي ڄاڻائي ٿي. هي ماڻهو هزارين سالن کان هتي ئي آباد آهن. ٿر جي وارياسين ڀٽن جي ڊپ کان هِن پاسي شايد ئي ڪا لڏ پلاڻ ٿي هُجي، جيڪي ٿريا ڏڪار ۾ لڏي ويندا آهن، سي به واپس اچي ويندا آهن. سنڌ توڙي سنڌي ٻوليءَ سان ٿرين جو ازلي عشق آهي. توڙي جو ٿر جا ڪجهه قبيلا پاڻ ۾ ڍاٽڪي يا مارواڙي ڳالهائن ٿا پر مجموعي طور سندن ٻولي سنڌي ئي آهي. هو صدين کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهن ٿا ، شاعري ڪن ٿا ۽ لکپڙهه ڪن ٿا.

ڍاٽڪيءَ لاءِ اسان جي مختلف عالمن لکيو آهي ته، اهو سنڌي ٻوليءَ جو لهجو آهي. ڪي ٿورا محقق ان کي الڳ ٻوليءَ جو درجو ڏين ٿا. لکت جي لحاظ کان ان جي ڪا حتمي رسم الخط ناهي، تازو منهنجيءَ نگرانيءَ ۾ ڊاڪٽر ڦُلوميگهواڙ ڍاٽڪي لوڪ ادب تي پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي.

جڏهن کان ٿر ۾ ڪارو سون ( ڪوئلو) نڪتو آهي ته؛ ڏاڍي خوبصورت طريقي سان ٿرين جي سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۾ ڏار وِڌا پيا وڃن، جنهن جو اصل مقصد ٿرين کي اڪيلو ڪرڻ ۽ سندن حقن کان محروم ڪرڻ آهي. ٿر ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ دي سٽيزنس فائونڊيشن اسڪول شروع ڪيا ويا آهن، جيڪو چڱو عمل آهي پر انهن اسڪولن وسيلي هڪ ڪم اهو به شروع ڪيو پيو وڃي ته ؛ پرائمريءَ ۾ ڍاٽڪيءَ جي تعليم ڏني وڃي. اڳتي هلي سنڌي مضمون کي پاسي ڪيو وڃي . مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هُئي ته نالي وارن ليکڪن نصير ميمڻ ۽ محسن ٻٻر جي ڪوشش سان دي سٽيزنس فائونڊيشن اسڪولن ٿر ۾ سنڌي مضمون / ميڊيم جي شروعات ڪئي آهي. جڏهن ته ٻين هنڌن تي ٽي سي ايف وارا سنڌي نه  ٿا پڙهائن . وري اوچتو ڍاٽڪيءَ جو ٻُڌي حيراني ٿي. ڍاٽڪيءَ جي جيڪا الف ب ٺاهي وئي آهي، اها به سنڌي الف ب واري ناهي.

ڍاٽڪيءَ سان منهنجي محبت آهي، اهو ئي سبب آهي ته مون اردو يونيورسٽيءَ ۾ ان تي پي ايڇ. ڊي ڪرائي.هن وقت ٿر ۾ ظاهري طور ته ڍاٽڪيءَ سان محبت ڏيکاري پئي وڃي پراندرين ڪهاڻي ٻي آهي. ان جا نتيجا سڄيءَ سنڌيءَ  قوم ۽ خاص ڪري ٿرين کي ورهائي ڇڏيندا. ورهاڱو ڌرتيءَ ڌڻين جي فائدي ۾ ناهي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ لهجي جي الڳ تعليم ڏني ويندي ته اڳتي هلي اُترادي پنهنجي ۽ لاڙي پنهنجي لهجي واري الف ب ٺاهي تعليم شروع ڪندا.ان کان پوءِ هتي رهندڙ بلوچ ۽ پٺاڻ وغيره پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ تعليم شروع ڪندا نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. ٻوليءَ جي وحدت جو ٽٽڻ قوم جو ٽٽڻ هوندو آهي.

انگريزي دنيا جي عالمي ٻولي آهي پر تعليم هڪ ئي اي بي سيءَ وسيلي ڏني وڃي ٿي. ان جي لهجن کي الڳ ٻوليءَ جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي. سنڌ ۾ صدين کان سنڌي ٻولي تعليم جو ذريعو رهندي پئي اچي .انگريزن سرڪاري طور سنڌي الف ب جو هڪ معيار مقرر ڪري، ان کي تعليمي ادارن ۾ رائج ڪيو، جيڪو هلندو پيو اچي. ٿر ۾ به ساڳيو ئي نصاب آهي. ٿري سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ جو درجو ڏين ٿا. جڏهن آدمشماري ٿئي ٿي ته اڪثريت مادري ٻوليءَ جي خاني ۾ سنڌي لکي ٿي. ڍاٽڪيءَ جي تعليم ان اجتماعي سوچ کي به نقصان پهچائيندي. جڏهن ڳڻپ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ گهٽبا ته ڏيهي توڙي پرڏيهي قوتون پنهنجن مفادن حاصل ڪرڻ ۾ به آساني سمجهنديون. اڳتي هلي ڪراچيءَ وانگر آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جو جواز به آسانيءَ سان پيدا ٿي سگهندو.

 ٿر جا اديب، شاعر، ليکڪ ۽ سُڄاڻ هن مسئلي تي خاص ڌيان ڏين . ثقافت جو وزير سيد سردار علي شاهه ، ٿر ۾ ڪم ڪندڙ نصير ميمڻ ، محسن ٻٻر ، آزاد سميجو، حاجي محمد ڪنڀار، ڀارُو امراڻي ۽ ٻيا دوست هن سلسلي ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

                          ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

لطيفي لات


سج، چنڊ، تارا، ڪتيون ۽ سھسين سيار، جي ڏھاڙي اکين سان ڏسون پيا، تن مان اسين ڪو به سبق ڪونه ٿا سکون، پر ھن الله جي عاشق انھن سان به عجيب اورون ويھي اوريون آھن.

چنڊ تنھنجي ذات، سڀ مڙھايان سون سين،
پرين آھن پنڌ ۾، کڙ سڄيائي رات،
اچن جنھين سات، پوء لھي وڃ لطيف چئي.

مطلب ته منھنجو پرين مون وٽ اچڻ لاء ھيئنر پنڌ ۾ آھي، تنھن ڪري اي چنڊ! تون سڄي رات کڙي بيھ، ته سڄڻ کي مون وٽ اچڻ ۾ ڪا مشڪلات نه ٿئي، جنھن وقت سڄڻ اچي مون وٽ پھچي، تنھن وقت تون ڀلي لھي وڃج، ته مان اوندھ ۾ (لوڪون لڪائي) پنھنجي پرينء سان ريجھ رھاڻ ڪريان.

ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

لطيفي لات

چنڊ کي چورائي، ڇپر! نيئي نه ڍڪيئن،
اونداھي آھي، اجھو عاشقن جو.

چنڊ نڪرندو آھي ڇپر يا ڏونگر جي پٺئين پاسي، تنھنڪري، ڇپر کي چوي ٿو ته چنڊ کي پنھنجي پٺيان ڍڪي ڇڏ (ته اڀري ئي نه) ڇاڪاڻ ته عاشقن جو اجھو آھي اوندھ!
سج جو تجلو ۽ چنڊ جي چانڊاڻ ڏسي، مالڪ جي جلوي ۽ جلال جو تصور ڪري چيو اٿس ته؛

سھسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن،
بالله ري پرين، سڀ اونداھي ڀانيان.


ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

اديبن، مُحققن، سگهڙن، شاعرن ۽ صحافت سان لاڳاپيل علم ڌڻين جي نانءِ

هيءَ ھڪ حقيقت آھي ته مان پاڻ اڃا تائين سگهڙائپ جي ”س“ تائين به نه پهتو هان ۽ سگهڙ ھُجڻ ھڪ وڏي غنيمت آھي.
سگهڙ لفظ جي معنيٰ تي جيڪڏھن اسان پورا لهون ته اها وڏي ڳالھ آھي پر ان لفظ تي پورو به هن بيقدريء واري دور ۾ ڪيئن لهي سگهبو؛؛؟
 جنهن دؤر اندر اسانجي قومي ادب ”لوڪ ادب“ سان گڏ سنڌي لوڪ ثقافتي ورثي کي بنھ نڌڻڪو ڇڏيو ويو هجي ۽ اسانجو ڪلچر پرڏيهي اٿڻي ويهڻي سبب زوال پذير ٿيندو هجي ته ان ماحول ۾ سگهڙائپ کي سَڪرات ۾ ڏسي هيانءُ ھُري، جيءُ جهُري رهيو آھي.
اڄ مان پنهنجي ٻوليء جي ٻاجهارن ۾ ڳڻيا ويندڙ (ادب جي مٿان ٻوجھ بڻيل ڪجھ) نام نهاد اديبن ۾ لوڪ ادب خلاف فرعوني سوچ حاوي ڏسي ائين چوڻ تي مجبور آھيان ته سنڌ سرڪار سميت ادبي ادارن جي سربراهن جي عدم دلچسپي سبب اسانجي هن سنڌي لوڪ ادب جا بابَ بند ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب لوڪ ادب ۽ سُگهڙ ڪچهرين کي ٻيهر اهو اوج ملندي ته نظر نه ٿو اچي، پر نتيجي طور جيڪو ڪجھ هن هلندڙ دؤر ۾ ٿورو گهڻو لوڪ ادب آھي ان کي سنڀالي، سنواري، سُڌاري محفوظ ڪندڙ به مايوس ٿي ويهي رهندا.
هڪ حقيقت جي اوهان کي ڄاڻ ڏيندو هلان ته مون جڏھن لوڪ ادب پارکو ۽ هن دور ۾ اڪيلي سر لوڪ ادب لاء پاڻ مُرادو جاکوڙيندڙ محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب ۽ سلات جي همدرد ساٿين جي مشوري سان تنظيم ”سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم“ (سلات) طرفان پهرين جنوري تي لعلو رائنڪ ۾ سال 2017ع کي الوداع ۽ سال 2018ع جي آجيان واري ڪانفرنس ۾ سال 2018ع کي سنڌي لوڪ ادب جو سال ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ته تمام گهڻو پُر اميد هيس ته هن جدوجهد ۾ سلات تنظيم کان ايشيا جي اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت ۽ ان کان سواء سگهڙائپ سان سلهاڙيل باقي ٻين مختلف علاقائي تنظيمن سان واڳيل منهنجا غير تنظيمي سگهڙ ۽ ادب لاء جاکوڙيندڙ ادارا  ” لوڪ ادب بچايو تحريڪ“ جي سڏ کي تمام گهڻي موٽ ڏيندا ۽ سندن ساٿ ۽ گڏيل جدوجهد سبب هي تحريڪ جلد ئي پنهنجي قومي ادب جي وارثي واري مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي ۽ ڪو نڪو خيرخواھ اچي ٻانهن مان جهلي چوندو ته ادا عاجز ؛ سنڌي لوڪ ادب رڳو تنهنجو يا سلات تنظيم جو ناهي پر سموري قوم جو تاريخي دستاويز آھي، ان کي سهيڙڻ، سنڀالڻ ۽ ترقي ڏيارڻ اسان سڀني جو قومي ۽ ادبي فرض آھي، پر ان جدوجهد ۾ ڪي ٿورا صحافي دوست ۽ تنظيم جا همدرد هئا جي، جن لوڪ ادب بچائڻ واري هن جدوجهد ۾ پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي ڀاڱي ڀائيوار رهي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لوڪ ادب بچايو تحريڪ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ڪانفرنسن ، سيمينارن، ڪچهرين ۽ ميڙاڪن کي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي پذيرائي ڏيڻ ۾ ساٿ ڏنو، باقي سموري سنڌي قوم جي ڀڀڪيون ڏيندڙ ۽ ڪانفرنسن ۾ سگهڙن کي ٻوليءَ جا ٿوڻيون ۽ ٿنڀ سڏي وقتي طور سياستدانن وانگر همدردي جا کوکلا نعرا هڻي سکڻيون دعوائون ڪري وڏيون تقريرون ڪندڙ اديبن، دانشورن، قومي اڳواڻن، ادارن جي سربراهن ۽ لوڪ ادب جي وارثيء جي ڪُوڙن دعويدار ادارن مان اسانکي نا اميدي پلئه پئي ۽ ان کان پوء مون پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪئي ته ٻين ۾ اميدون رکي توڪل جو طُرهو ٻڌندڙ نادان انسان؛ تو واري سوچ تمام غلط ۽ غير فائدي مند هئي، جو توسان لوڪ ادب جي وارثي لاء نه ڪنهن سگهڙ تنظيم ساٿ ڏنو ۽ نه ئي ڪنهن اداري جي سربراھ يا وري ٻولي ماهر کي ڪو روح ۾ رحم پيدا ٿيو، جو هن قومي ادب جي وارثي واري جدوجهد ۾ آيو آيو ڪري، مدد جي خاطري ڪرائي ها.
لوڪ ادب بچايو تحريڪ جي جدوجهد دوران اسان سلات جي سگهڙن، سنڌ جي تهذيبي ماڳ موهن جي دڙي کان ويندي هڪ طرف بلوچستان جي جَهٽ پَٽ جعفرآباد ۽ لس ٻيلي ۾ سسئي پنهون جي ڪيچ مڪران ڪبيرشاھ توڙي لاهوت لامڪان تائين، ته ٻئي طرف ڪشمور کان ڪراچي تائين واڪا ڪري قومي ادب جي وارثي لاء واڪا ڪيا، نه رڳو ايترو پر قومي ادب جي وارثي لاء لوڪ ادب جاکوڙي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مزار تي معصوم ٻچڙن کي وٺي ڀٽائي جي وائين سان گڏ، ڪوهياري ڳائي رڙيون ڪيوسين ۽ آخر لوڪ ادب جي تباهي جي خطرناڪ صورتحال تي ڪيڏارو ڳايوسين ته وري سنڌالاجي کان ويندي ٻوليء جي بااختياراداري تائين سندن دَرن تي ويهي بک هڙتالون ڪري دانهون به ڪيوسين پر هرڪو خاموش تماشائي بڻجي پري کان تماشي واريون تاڙيون وڄائيندو رهيو ۽ ڪنهن به سور سلي حال نه پڇيو ته اوهان آخر لوڪ ادب بچايو جا نعرا هڻي ڇو پيا روڊن تي رڙيون ڪيو؟؟
مونکان 6 اپريل 2018ع وارو اهو قيامت خيز لمحو به ڪڏھن نه وسرندو جو اسان لوڪ ادب جي وارثي لاء سنڌي ٻولي جي بااختياراداري جي دروازي تي بوسڪي جون پڳون پائي سنڌي ثقافت جو احساس ڏيارڻ لاء بک ۽ اڃ ۾ تڙپندي شاھ جو رسالو ۽ قومي ادب جا ڪتاب ميڙ طور کنيون مٽيءَ تي ويٺا هئاسين ۽ اداري جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ رٿيل لوڪ ادب پارکو ڊاڪٽر بلوچ جي ورسي ۾ ويندڙ نامور شخصيتون اسانکي حقارت جي نظرن سان نهاريندي بنا حال پُڇڻ جي ڪنڌ ڦيرايون اندر ويندا رهيا ۽ سواء اڪيلي اديب ۽ هڪ ڀلوڙ سُگهڙ جي فرزند استاد نوراحمد جنجهي جي باقي ڪنهن ٻئي سکڻو سلام به نه ڪيو. هن تقريب ۾ اهي ئي ماڻهو موجود هئا جيڪي لوڪ ادب جي خيرخواهي لاء تقريبُن ۾ ڊاڙون ۽ ٻٽاڪون هڻندا آھن.(ان تقريب ۾ موجود بيحس ماڻھن جا  نالا لکڻ مناسب نٿو سمجهان جنهن کي معلوم ڪرڻو هجي ته ان تقريب جون سوشل ميڊيا ۽ اخباري رپورٽون پڙھي نالا ڄاڻي سگهي ٿو)
مان حيران آھيان ته آخر انهن کي اها ڳالھ سمجھ ۾ ڇو نه آئي ته هو جنهن بلوچ کي ڀيٽا ڏيڻ اي سي هال ۾ وڃي رهيا آھن، اسان ان جي ئي پسنديده فن ”لوڪ ادب “ جي وارثي لاء روڊ تي ويهي بيحس ادارن جو ڌيان ڇڪائي رهيا هئاسين. ٿوري دير بعد مذھبي سوچ سان سلهاڙيل، ڊاڪٽر بلوچ جو عزيز ۽ ان وقت اداري جو وقتي سيڪريٽري امين محمد لغاري تماشائي انداز سان آيو ۽ حال پڇڻ بدران ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي هليو ويو ته ڀلي هتي سڄو سال ويٺا رهو پر اوهانجي ان مطالبي بابت هي ادارو ڪابه موٽ نه ڏيندو ڇو ته اسانجو ڪم لوڪ ادب نه پر ٻولي سان آھي. مونکي حيرانگي ان ڳالھ تي لڳي ته جنهن اداري جو بنياد لوڪ ادب جي پارکو وڌو هو، ان جي پسند ڪيل ادب جي وارثي جو مطالبو ڪرڻ ھن صاحب کي پسند نه آيو ۽ سندس ان رويئي اهو محسوس ڪرايو ته ڄڻ لوڪ ادب جو سنڌي ٻولي سان پَري پَري جو واسطو به نه هجي، ان ڪري هن ان جي وارثي پنهنجي اداري جي ذميواري ۾ شامل نه سمجهي. ساڳئي وقت ان کان وڌيڪ لوڪ ادب دشمني وارو ڪردار ته سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجي جو به رهيو جنهن سنڌالاجي اندر پنهنجي ياري دوستي نڀائڻ سان گڏ اقتداري ڌُر کي راضي ڪرڻ لاء سندن پارٽي سان سلهاڙيل اديبن جا ڪارنر ته قائم ڪيا پر لوڪ ادب جو نه ڪارنر قائم ڪيو ۽ نه ئي وري ايوارڊن واري تقريب ۾ ڪو لوڪ ادب جي شُعبي جو ايوارڊ ڏنو.

اوهانکي ٻُڌائيندو هلان ته مون جڏھن سگهڙن بابت اڻ پڙھيل هجڻ واريون رپورٽون پڙھيون ۽ تقريرون ٻُڌيون ته الاء ڇو ضمير جهٽڪو کاڌو ته اڻ پڙھيل جا طعنا ۽ مهڻا ڏئي سگهڙن کي نظر انداز ڪندڙ ان ڳالھ کي ڇو نٿا سمجهن ته خدا تعاليٰ ڪائنات جي هدايت لاء جن کي صحيفا ۽ ڪتاب ڏئي دنيا ۾ حق جو سبق پڙھائڻ موڪليو هو انهن نبي سڳورن ۽ پيارن پيغمبرن به ته ظاهري طور دنيا جي ڪنهن اسڪول ڪاليج يا مدرسي ۾ تعليم ڪانه پڙھي هُئي پر انهن تي جن اهڙي طرح جا الزام مڙھيا هئا انهن کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو ويو اهو قرآن پاڪ ۾ لکيل آيتون اهڙن ماڻھن جي جواب لاء ڪافي آھي.
ڳالھ ڪندس پنهنجي لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ”سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو“ جي، ته هن ڪتاب لکندي تاريخي حوالا گڏ ڪندي مونکي لڳاتار پنجن سالن جو وقت لڳو، اهو ان ڪري، جو هي سڄو ڪتاب وسائلن جي اڻ ھوند سبب مون خرچ بچائڻ لاء پاڻ موبائل فون تي ڪمپوز ڪيو آھي جيڪا هن وقت به مون وٽ موجود آھي ۽ اهو ڪتاب جو مواد نماز کان واندا ٿي مسجد ۾ ئي منهنجا شاگرد مونکي لکرائيندا ويندا هُئا ان ۾ منهنجن ڪجھ شاگردن جو تحقيقي مواد پڙھي ٻُڌائڻ ۾ وڏو ساٿ رهيو، ان سان هڪ اهو به فائدو ٿيو ته هي سمورو تحقيقي ڪم مون مسجد ۾ با وضو ويهي لکيو ۽ پڙھيو آھي.
رهي ڳالھ ڪجھ دوستن پاران منهنجي سهيڙيل ان ڪتاب جي ڪوتاهين جي، سو مان مڃان ٿو ته مان نه مُحقق آھيان نه ئي مؤرخ يا شارح، بس لوڪ ادب جي عشق ۽ شوق ۾ جيڪو سمجھ ۾ ايندو ويو، سو رنڍا روڙي اوهان اڳيان پيش ڪيو اٿم ان ۾ ضرور ڪَميون، ڪوتاهيون آھن پر عاجز سمجهي ان کي درگذر ڪرڻ سان گڏ غلطين جي نشاندهي به ڪندا ته احسانمند رهندس. ڇو ته مان تحقيق، تصنيف ۽ ترتيب جي لحاظ کان پاڻ کي ڪورو ڄٽ سمجهندو آھيان. بس ادبي ادارن جي بيحسي مونکان هي قلم کڻايو آھي پوء جيڪو سمجھ ۾ آيو سو لکندو ويس. مونکي ڀلي ڪو ادارو هن محنت جي مڃتا جو اعزاز يا ايوارڊ نه ئي ڏئي يا وري ڪو سکڻو وهواه جو داد ئي ڏئي پر گهٽ ۾ گهٽ تاريخ اهو ته محسوس ڪندي ته دنيا جن سگهڙن کي ڪورو ڄٽ ۽ جاهل سمجهي پئي انهن لاء جاکوڙيندڙ ھڪ گهٽ پڙھيل ۽ علم عقل کان عاجز انسان پنهنجي ادبي ۽ تنظيمي تاريخ پاڻ سهيڙي آھي .
مون پنهنجي هن سهيڙيل ڪتاب اندر ماضي ۽ مستقبل جي سگهڙن جي تيرهن تنظيمن جو به تعارف ڏنو آھي جن جو منشور يا مقصد رڳو سگهڙائپ ۽ لوڪ ادب ھيو يا آھي. باقي وقتي طور لوڪ ادب لاء جاکوڙيندڙ آواز گروپ لاڙڪاڻي سميت اهڙيون ٻيون تنظيمون يا ڪجھ ادارا منهنجي غفلت سبب رهجي به ويا آھن جن تنقيدي طعنا ۽ محبت وارا مهڻا به ڏنا آھن جيڪي منهنجي لاء رهنمائي جو سبب آھن ۽ خدا چاهيو ته ٻئي ايڊيشن ۾ انهن کي به شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس .ڪتاب ۾ شامل انهن تنظيمن جو مقصد تنظيمن جي نشاندهي سان گڏ اهو به هئو ته
ثقافت کاتو ۽ ميلا ڪميٽيون توڙي ادبي ادارا ملڪ جي آئين وانگر تنظيمن جي به آئيني جاچ پڙتال ڪري انهن جي ڪارڪردگيءَ موجب ميرٽ قائم ڪري، حقيقي ڏات ڌڻين جي  همت افزائي ڪن جي نه ته پوء سگهڙن جون به لوڪ ادب خدمت بدران رسمي پِيرن وانگر درگاهون کلنديون ۽ لوڪ ادب جي اصلي اهميت کي دفن ڪري رڳو پِيري مُريدي واري رسم ادا ٿيندي ۽ پوءِ رڳو ايندڙ جي آڌر ڀاءُ جا درٻاري غزل ۽ گيت ڳايا ويندا. نه رڳو ايترو پر ان عمل سان جعلي سگهڙن ۾ جعلي تنظيمون رڳو پيداگيري ۽ مفادن خاطر جنم وٺنديون جنهن سان نقلي پير پرستي وڌندي ۽ پيدا گيري جا دڪان  کلندا پوءِ ٻولي ۽ لوڪ ادب ويتر ننڌڻڪائپ جي  ور چڙهندا، جنهن جو الزام سڌي ريت ثقافت کاتي ۽ ادبي ادارن تي لڳندو، ڇو ته انهن جي بي مقصد جَٿي جي  مدد اوهان نه ئي کڻي  ڪيو پر انهن جي اهڙي غير جمهوري هلچل ۽ غير ادبي سرگرمي تي انهن کان پڇا ڳاڇا نه ڪرڻ به ان جي عمل ۾ برابر جو شريڪ هئڻ مثل آهي.
اوهانکي ٻُڌائيندو هلان ته هن تاريخي جائزي واري ڪتاب سهيڙڻ ۾ مون وسائلن جي اڻ ھُوند باوجود لوڪ ادب جا لاتعداد ڪتاب ڏوڪڙ ڏئي خريد ڪيا ۽ جيڪي نه ملي سگهيا اهي مختلف ادارن مان ڦوٽو ڪاپي ڪرائي مطالعي هيٺ آندم، جيڪي اڄ به منهنجي ڪُتب خاني ۾ محفوظ آھن. هن ڪتاب جي سهيڙ ۾ مون پنهنجي پاران هرهڪ سگهڙ تنظيم جي اڳواڻ کي روبرو ۽ فون تي عرض ڪيو ته لوڪ ادب بابت اوهان جيڪا به جدو جهد ڪئي هجي ان جو حقيقي پس منظر ۽ پيش منظر ڏيو ته جيئن تاريخ ۾ ڪا من گهڙت ڳالھ نه اچي ۽ بعد ۾ رهجي وڃڻ جون ڪير به دانهون نه ڪري. جيئن هن وقت اهي ساڳيا ئي ماڻھُو مهڻا ڏين ٿا ته اسانکي رهائي ڇڏيئي ( ۽ مون انهن کي ڪتاب اچڻ کان اول جيڪو عرض ڪيو هو اهو عرض مون وٽ سندن آواز ۾ محفوظ آھي) سو ڪجھ مهربان دوستن مانائتي موٽ ڏني ۽ ڪن نه به ڏني ته وري مون لوڪ ادب بابت ڇپيل ڪتابن جو سهارو ورتو ۽ اهو احوال جيئن جو تيئن ڏنو اٿم .
 هن ڪتاب ۾ مون پنهنجي تنظيم سلات طرفان ڪوٺايل ڪچهرين ۽ ڪانفرنسن جو جائزو ان ڪري به شايع ڪيو آھي ته سنڌ اندر سگهڙ تنظيمن جي ڪيل ڪم کي اڳ ۾ ڪڏھن به ڪتابي صورت ۾ محفوظ ناهي ڪيو ويو ۽ اڳتي هلي متان ڪو ايندڙ محقق يا پارکو ميار ڏئي ته سگهڙ تنظيمن ڪو به ڪم ناهي ڪيو ۽ ڪيو آھي ته رڳو سرڪاري سهڪار تي پئي پيٽ پاليو ۽ هنن کان پاڻ کان ڪجھ به ڪين ٿيو، يا وري اسانجو ڪو ادارو ڊاڙ ھڻي ته اسان ئي سڀ ڪجھ ڪيو آھي سگهڙن پنهنجي مدد پاڻ ڪجھ به ناهي ڪيو.
اڳتي هلي سڀاڻي ڪو نام نهاد وري ته ڪنهن سگهڙ کي طعنو نه هڻندو ته اوهان اڻ پڙھين لوڪ ادب کي ڇا ڏنو آھي؟؟؛؛
سو مون انهن کي اهو محسوس ڪرائڻ لاء به هن جدوجهد کي ڪتابي صورت ۾ ڇاپايو ته اسان اڻ پڙھيلن پنهنجي اڻ ھُوند ۾ ايترو ڪيو آھي هاڻي اوهان لکيا پڙھيا ۽ ادارن جا چڱا مُڙس به پنهنجي هوند ۽ وسائلن آڌار قومي ادب لاء ڪجھ ڪري ڏيکاريو، ڪا ته چڱ مُڙسي ظاهر ڪيو. سو هي منهنجي شروعات آھي ۽ ان ڪم کي گهڻو اڳتي به وڌائي سگهجي ٿو، پر ان لاء لوڪ ادب جو درد ھجي ۽ حقيقتون گڏ ڪرڻ لاء سگهڙ سنگت جي ساٿ سان گڏ وقت ۽ وسائل به گُهرجن.
ان ڪري مان اهو چوندس ته لوڪ ادب جي وارثي لاء ادارن کي اک پٽڻي پوندي ۽ لوڪ ادب کي پنهنجو ڪرڻو پوندو.
اها ڳالھ ٻُڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان ته مون لوڪ ادب جو تاريخي جائزو واري ڪتاب ۾ لوڪ ادب بابت جن 707 ڇپيل ڪتابن(ببليوگرافي) جو ذڪر ڪيو آھي ته انهن ڇپائيندڙ ادارن جو به گهڻي قدر نالو ڏنو اٿم پر ڪجھ اهڙا ڪتاب به آھن جن مان ڪنهن جي اداري جو نالو لکيل ناهي ته وري ڪنهن جي ڇپائيءَ جو سال معلوم ناهي ۽ منهنجي خيال ۾ ته لوڪ ادب بابت ڇپيل اڃان به  کوڙ سارا ڪتاب آھن جن جو تفصيل ڪتابن توڙي دوستن وٽان به مونکي نه ملي سگهيو ۽ ڪجھ ڪتاب مختلف لائبريريون جاچڻ باوجود هن ڪتاب ڇپجڻ تائين نه مونکي نظر آيا ۽ نه وري ان جي ڇپجڻ بابت ڪا مونکي ڄاڻ ملي سگهي، خاص ڪري سنڌي ادبي بورڊ پاران ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لوڪ ادب اسڪيم کان سواء ڇپيل لوڪ ادب جي ڪتابن جي ڄاڻ ڪجھ مجبورين سبب حاصل ڪري نه سگهيس .
ساڳئي ڪتاب ۾ لوڪ ادب بابت ڇپيل ڪتابن سان گڏ مون مولودن جي ڇپيل ڪتابن جو به الڳ (ببليوگرافي) حوالو ڏنو آھي ڇو ته جيئن شاعريءَ جي صنف ۾ بيت، سينگار، هُنر ۽ ڪافي، لوڪ ادب آھي، تيئن مولود به لوڪ ادب جي ئي صنف آھي. اسان وٽ لوڪ ادب جي سگهڙائپ واري فن سان گڏ مولود گو شاعر به تمام گهڻا رهيا آھن جن مان ڪجھ شاعرن جا ته ڪتاب ڇپيا پر گهڻا شاعر سگهڙن وانگر مولودن جو مواد پنهنجي سيني ۾ سانڍي هليا ويا.
آخر ۾ وري به اهو ئي عرض ڪندس ته اسانجو قومي ادب يعني لوڪ ادب پوين پساهن ۾ آھي، ان ڪري ان کي وڌائڻ ويجهائڻ سان گڏ ان کي محفوظ ڪرڻ جي به سخت ضرورت آھي.
تازو لوڪ ادب جي وارثي لاء مون انوکو احتجاج نوٽ ڪرائي علامتي طور ڪجھ ڪتابن کي سنڌوءَ جي سِيرن حوالي ڪري لاڳاپيل ادارن ۽ سرڪار نامدار جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان منهنجي انوکي احتجاج کي پرڏيهي ميڊيا به سنڌواسين جي بيحسي طور تمام گهڻي پذيرائي ڏني، سوشل ميڊيا جي فيس بُڪ، واٽس ايپ گروپن ۽ ٽوئيٽر وغيره تي به بحث ڇِڙيا پر وري به لوڪ ادب مخالف سازشون ئي گوءِ کڻي ويون جن ادب جي وارثي جو آواز اٿارڻ ۽ منهنجي احتجاج ڪرڻ واري مقصد کي سمجهڻ بدران رڳو منهنجي ان انوکي احتجاج واري عمل تي تنقيد ئي ڪئي جنهن سبب ادارن جون اکيون پُوريل ۽ سرڪار نامدار جو به لوڪ ادب سان نڌڻڪائپ وارو رويو اڃا تائين برقرار آھي.
ٻئي مرحلي ۾ وري مون جڏھن ٻئي احتجاج ۾ پنهنجي مڃتا وارا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به درياھ ۾ اڇلائڻ جو اعلان ڪيو تڏھن به لاڳاپيل ادارن جي سربراهن ۽ سرڪار نامدار جي ڪارندن کي ڪا ڪهل ڪان آئي.
وري به لک قرب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجھ ساڃاھ وند اديبن، سگهڙن، شاعرن، ڪلاڪارن جا جيڪي وقتي طور دل کي دلاسو ڏيڻ ۽ منهنجي مڃتا جو ڀرم رکڻ لاء ميڙ منٿ قافلن جي صورت ۾ ڪهي آيا ۽ ادبي ادارن سميت لاڳاپيل ذميوارن جي مُنهن تي چماٽ ھنيائون ته جيڪڏھن ادارا لوڪ ادب جي وارثي ڪرڻ جي مونڊ ۾ ناهن ته گهٽ ۾ گهٽ شعوري طور مليل مڃتائن جي آپگهات تي خاموش تماشائي ته نه بڻجن.
ڪهي آيل قربائتن ۾ اديبن جي اڳواڻي محترم عزيز قاسماڻي ڪئي ته سگهڙن جي سربراھي سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم جي مرڪزي صدر ممتاز ملوڪ عباسي ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي مرڪزي صدر گل حسن گل ملڪ ڪئي.
ان کان پوء لوڪ ادب بچايو ايڪشن ڪاميٽي به جوڙي وئي پر وقتي مجبورين سبب اها به اڃان سست رفتاري جي ور چڙھيل آھي ۽ ٻئي طرف لوڪ ادب خلاف سازشن واري جماعت جون حرڪتون ڏينهون ڏينهن وڌنديون پيون وڃن .


عاجز رحمت الله لاشاري