ڀتائي
ڀلاي ڀٽائي گهوٽ کان ملي اسان کي ڄاڻ آ
سُر عجب ۽ سورميون وائي وڏي واکاڻ آ
راڳ ڀي رمز ڀي رَسُ وڏي رهاڻ آ
هر موضوع ۽ هر فقه سرهي شريعت ساڻ آ
سونهن ڌرتي سنڌ جي ساڃاھ بيشڪ سڃاڻ آ
هر تقرير ۽ تحرير ۾ ڏس لطيف جي لالاڻ آ
استاد، اديبن، شاعرن، سگھڙن واڻي پوءِ واڻ آ
لطيف جي لفظن ۾ رکيل محمد بخش مٺاڻ آ
ڪيڏار بيهي پڙھ ڪنڌي تي ته موج ڪندي مهراڻ آ
سيد جي سرهاڻ آ سنسار سڄي ۾ سهتو چوي.



منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي صاحتي پرڳڻي سڏجندڙ ضلعي نوشهروفيروز جي تعلقي ڀريا کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ محمد اسماعيل قريشي ۾ رٽاير تپيدار فقير شمس الدين قريشي جي گھر ۾ 3 آگسٽ 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري