Monday, September 30, 2019

لطيفي لات

ھيء دنيا جا ڍونڍ مثل آھي، تنھن تي انسان جو من، جو ڪانء جي مثل آھي، سو وڃيو اجھڙي ۽ اونڌي ھلت ھلي ٿو. جتي ڪا حق جي ڳالھ پيئي ھلندي ھوندي، اتي به استخوان آڻي ٿو. جنھن جي ڪري ھڏي تي ھوڏ ھلي ٿي، جتي به ويھي ٿو، تتي وٺ لاھي ٿو ۽ پنھنجي ذاتي سڀاء ظاھر ڪري ٿو. حق جي حد اورانگھيو وڃي ٿو ۽ دنيوي سياڻپ ھلائي ٿو جنھن ڪري اھڙو ڏاھو ڪانء ٻه ڄنگھو ڦاسي ٿو.
اھو ساڳيو من جو دنيا خاطر دين وڃائي ٿو ۽ اونڌا رستا اختيار ڪري ٿو، سو ئي ساڳيو سنئين واٽ تي ھلائجي ٿو ته پرينء جو پانڌيئڙو ٿي سگھي ٿو، تنھن ڪري سررپ جي ڪن بيتن ۾ ڪانگل کي قريبن جو قاصد بڻايو اٿس ۽ کيس پرينء وٽ پارانڀن (نياپن) پھچائڻ جو تاڪيد ڪيو اٿس.

ڪانگل! ڪڍي تو ڏيان، ھينئون ساڻ ھٿن،
وڃي کاء ولات ۾ اڳيان عجيبن،
پرين مان پڇن، ته ھئن قرباني ڪير ٿي؟

ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

اياز جو خط ابراهيم جويو ڏانهن

ڪئينس روڊ، سکر 1955

پيارا ادا ابراهيم،

هاڻي سُر “يمن ڪلياڻ” جي پنجين داستان جي آخري وائي، اردو گيت ۾ ترجمو ڪئي اٿم. رات جا ٽي لڳا آهن، ڪتيون ڪر موڙڻ لڳيون آهن ۽ ڪائنات جا نيڻ ننڍ اکرا آهن. وائيءَ جي هيٺين سٽ روح ۾ رقت جون لهرون اُڀاري رهي آهي:
“جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!”
اڄ اها سٽ منهنجي آس نراس جي آرسي آهي، منهنجي ساريءَ روحاني ڪشمڪشن جي آئينه دار آهي. گويا اها سٽ هڪ هندورو آهي، جنهن ۾ منهنجو هِينئون جُهولي رهيو آهي. ڪهڙي نه ڳوڙهن ڀري ڳوڙهائي آهي. اُن ۾ ڪهڙو نه معنيٰ ڀريو ميٺاج! “ننڊ نه هيريو نيڻ....!” منهنجو تصور اُڏاڻو: صديون سميٽ جي ويون ۽ مون اُنهيءَ ازلي مست کي ڀٽ تي، ستارن جي ڇانوَ هيٺيان ڏٺو. مون ڏٺو ته لطيف پنهنجيءَ لات ۾ سراپا محو هو. هن جي اکين اڳيان لفظ ڪتين وانگر جهرمر لڳائي بيٺا هئا، ۽ هُو اُنهن مان سِتارا ڇِنندو، پوئيندو ٿي ويو. چوڌاري جهرجهنگ راتڙيءَ جي گود ۾ آرامي هو. پسون پکي سُتا پيا هئا، ليڪن ڀٽ ڌڻيءَ جي اکڙين ۾ ازلي اوجاڳو هو، گويا آتشين شراب سندس روح ۾ رچي رهيو هو، گويا رمزون ۽ راز اُن جي مڌ ڀرئي هڳاءَ وانگر ڦهلجي رهيا هئا. هن تنبور کڻي تار ڇيڙي. لوهه جي لڱن مان سيسڙاٽ اُڀري ويا، تند وڄڻ لڳي، رڳون رباب ٿينديون ويون، هن جي ساهه ۾ ابدي نغما سميٽبا سمائبا ويا. راڳ مان ويراڳ وسڻ لڳو.
وسارج    مَ ويڻ،    جوڀن      ٻه      ٽي   ڏينهڙا!
لوٺيون     سهن   لوڪ جا،     وهاڻيءَ ٿيو ويڻ!
                                                 جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
اصل       اَ سارن       جا،      سُتي     ويڙا   سيڻ!
                                                جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
جيڏيون، جي مان وَسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!
                                                جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
راتڙيون جاڳن  جي، سي آءٌ ڪندڙي سيڻ!
                                               جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، جهل تون ننڊان نيڻ!
                                               جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!

هر سٽ ۾ روحاني اضطراب آهي، هڪ مسلسل ڪيفيت آهي، جنهن جو جيئن پوءِ تيئن تاثر گهرو ٿيندو پيو وڃي. اُنهن ۾ زندگيءَ جي تخليقي دور جي بي ثباتيءَ ۽ زندگيءَ جي تخليق جي ثبات جو اهڙو حسين تضاد پيدا ڪيو ويو آهي، جو هر سٽ کي چُمي اکين تي رکي، روح جي رحل ۾ ويڙهي رکجي!
مٿينءَ وائيءَ جي گهرائي اُهو ئي محسوس ٿو ڪري سگهي، جنهن جي اکڙين جي اوجاڳن سان ياراڻي هجي، جنهن ساريون ساريون راتيون ستارن جي سنگ گذاريون هجن، جنهن جا شعر سندس نيڻن جي ننڊ مان جڙن، جا جاڳي، جلي، لوچي ۽ لهي.
ادا، هن دفعي مون لطيف سائينءَ کي ڪافي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي، ۽ پهريون دفعو صحيح معنيٰ ۾ هن جي فن جي عظمت محسوس ڪئي آهي. ترجمي ڪرڻ وقت مان هر بيت کي ڪيئي ڀيرا پڙهندو آهيان. ڪائي ازلي مستي وير وانگر وڌندي ايندي آهي، جا منهنجي روح کي ڇولين جي ڇوهه ۾ چوٽيءَ چاڙهي ڇڏيندي آهي، جتان مان سمنڊ جي سيني ۾ گهوري ڏسندو آهيان ۽ منهنجو روح پاتار ۾ پيهي، سپون سُونجهڻ لاءِ مضطرب هوندو آهي. رسالي جو اردو نظم ۾ ترجمو منهنجي بهترين عبادت آهي. شال، مان اهو ڪم توڙ تائين سر انجام ڏيئي سگهان!

تنهنجو پنهنجو
اياز

ڍاٽڪيءَ ذريعي تعليم وِڇوٽيون وڌائيندي!!

ٿَر، جيڪو سنڌ جي سُونهن به آهي ته درد وَندن جو ديس به آهي. اهو ٿر ئي آهي، جتان جي مارئيءَ سمورن سنڌين کي حب الوطنيءَ جو درس ڏنو.

تاريخ هتي رهندڙن هندن، مسلمانن، ميگهواڙن ،ڪولهين ۽ ڀيلن کي اصل سنڌي ڄاڻائي ٿي. هي ماڻهو هزارين سالن کان هتي ئي آباد آهن. ٿر جي وارياسين ڀٽن جي ڊپ کان هِن پاسي شايد ئي ڪا لڏ پلاڻ ٿي هُجي، جيڪي ٿريا ڏڪار ۾ لڏي ويندا آهن، سي به واپس اچي ويندا آهن. سنڌ توڙي سنڌي ٻوليءَ سان ٿرين جو ازلي عشق آهي. توڙي جو ٿر جا ڪجهه قبيلا پاڻ ۾ ڍاٽڪي يا مارواڙي ڳالهائن ٿا پر مجموعي طور سندن ٻولي سنڌي ئي آهي. هو صدين کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهن ٿا ، شاعري ڪن ٿا ۽ لکپڙهه ڪن ٿا.

ڍاٽڪيءَ لاءِ اسان جي مختلف عالمن لکيو آهي ته، اهو سنڌي ٻوليءَ جو لهجو آهي. ڪي ٿورا محقق ان کي الڳ ٻوليءَ جو درجو ڏين ٿا. لکت جي لحاظ کان ان جي ڪا حتمي رسم الخط ناهي، تازو منهنجيءَ نگرانيءَ ۾ ڊاڪٽر ڦُلوميگهواڙ ڍاٽڪي لوڪ ادب تي پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي.

جڏهن کان ٿر ۾ ڪارو سون ( ڪوئلو) نڪتو آهي ته؛ ڏاڍي خوبصورت طريقي سان ٿرين جي سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۾ ڏار وِڌا پيا وڃن، جنهن جو اصل مقصد ٿرين کي اڪيلو ڪرڻ ۽ سندن حقن کان محروم ڪرڻ آهي. ٿر ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ دي سٽيزنس فائونڊيشن اسڪول شروع ڪيا ويا آهن، جيڪو چڱو عمل آهي پر انهن اسڪولن وسيلي هڪ ڪم اهو به شروع ڪيو پيو وڃي ته ؛ پرائمريءَ ۾ ڍاٽڪيءَ جي تعليم ڏني وڃي. اڳتي هلي سنڌي مضمون کي پاسي ڪيو وڃي . مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هُئي ته نالي وارن ليکڪن نصير ميمڻ ۽ محسن ٻٻر جي ڪوشش سان دي سٽيزنس فائونڊيشن اسڪولن ٿر ۾ سنڌي مضمون / ميڊيم جي شروعات ڪئي آهي. جڏهن ته ٻين هنڌن تي ٽي سي ايف وارا سنڌي نه  ٿا پڙهائن . وري اوچتو ڍاٽڪيءَ جو ٻُڌي حيراني ٿي. ڍاٽڪيءَ جي جيڪا الف ب ٺاهي وئي آهي، اها به سنڌي الف ب واري ناهي.

ڍاٽڪيءَ سان منهنجي محبت آهي، اهو ئي سبب آهي ته مون اردو يونيورسٽيءَ ۾ ان تي پي ايڇ. ڊي ڪرائي.هن وقت ٿر ۾ ظاهري طور ته ڍاٽڪيءَ سان محبت ڏيکاري پئي وڃي پراندرين ڪهاڻي ٻي آهي. ان جا نتيجا سڄيءَ سنڌيءَ  قوم ۽ خاص ڪري ٿرين کي ورهائي ڇڏيندا. ورهاڱو ڌرتيءَ ڌڻين جي فائدي ۾ ناهي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ لهجي جي الڳ تعليم ڏني ويندي ته اڳتي هلي اُترادي پنهنجي ۽ لاڙي پنهنجي لهجي واري الف ب ٺاهي تعليم شروع ڪندا.ان کان پوءِ هتي رهندڙ بلوچ ۽ پٺاڻ وغيره پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ تعليم شروع ڪندا نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. ٻوليءَ جي وحدت جو ٽٽڻ قوم جو ٽٽڻ هوندو آهي.

انگريزي دنيا جي عالمي ٻولي آهي پر تعليم هڪ ئي اي بي سيءَ وسيلي ڏني وڃي ٿي. ان جي لهجن کي الڳ ٻوليءَ جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي. سنڌ ۾ صدين کان سنڌي ٻولي تعليم جو ذريعو رهندي پئي اچي .انگريزن سرڪاري طور سنڌي الف ب جو هڪ معيار مقرر ڪري، ان کي تعليمي ادارن ۾ رائج ڪيو، جيڪو هلندو پيو اچي. ٿر ۾ به ساڳيو ئي نصاب آهي. ٿري سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ جو درجو ڏين ٿا. جڏهن آدمشماري ٿئي ٿي ته اڪثريت مادري ٻوليءَ جي خاني ۾ سنڌي لکي ٿي. ڍاٽڪيءَ جي تعليم ان اجتماعي سوچ کي به نقصان پهچائيندي. جڏهن ڳڻپ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ گهٽبا ته ڏيهي توڙي پرڏيهي قوتون پنهنجن مفادن حاصل ڪرڻ ۾ به آساني سمجهنديون. اڳتي هلي ڪراچيءَ وانگر آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جو جواز به آسانيءَ سان پيدا ٿي سگهندو.

 ٿر جا اديب، شاعر، ليکڪ ۽ سُڄاڻ هن مسئلي تي خاص ڌيان ڏين . ثقافت جو وزير سيد سردار علي شاهه ، ٿر ۾ ڪم ڪندڙ نصير ميمڻ ، محسن ٻٻر ، آزاد سميجو، حاجي محمد ڪنڀار، ڀارُو امراڻي ۽ ٻيا دوست هن سلسلي ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

                          ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

لطيفي لات


سج، چنڊ، تارا، ڪتيون ۽ سھسين سيار، جي ڏھاڙي اکين سان ڏسون پيا، تن مان اسين ڪو به سبق ڪونه ٿا سکون، پر ھن الله جي عاشق انھن سان به عجيب اورون ويھي اوريون آھن.

چنڊ تنھنجي ذات، سڀ مڙھايان سون سين،
پرين آھن پنڌ ۾، کڙ سڄيائي رات،
اچن جنھين سات، پوء لھي وڃ لطيف چئي.

مطلب ته منھنجو پرين مون وٽ اچڻ لاء ھيئنر پنڌ ۾ آھي، تنھن ڪري اي چنڊ! تون سڄي رات کڙي بيھ، ته سڄڻ کي مون وٽ اچڻ ۾ ڪا مشڪلات نه ٿئي، جنھن وقت سڄڻ اچي مون وٽ پھچي، تنھن وقت تون ڀلي لھي وڃج، ته مان اوندھ ۾ (لوڪون لڪائي) پنھنجي پرينء سان ريجھ رھاڻ ڪريان.

ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

لطيفي لات

چنڊ کي چورائي، ڇپر! نيئي نه ڍڪيئن،
اونداھي آھي، اجھو عاشقن جو.

چنڊ نڪرندو آھي ڇپر يا ڏونگر جي پٺئين پاسي، تنھنڪري، ڇپر کي چوي ٿو ته چنڊ کي پنھنجي پٺيان ڍڪي ڇڏ (ته اڀري ئي نه) ڇاڪاڻ ته عاشقن جو اجھو آھي اوندھ!
سج جو تجلو ۽ چنڊ جي چانڊاڻ ڏسي، مالڪ جي جلوي ۽ جلال جو تصور ڪري چيو اٿس ته؛

سھسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن،
بالله ري پرين، سڀ اونداھي ڀانيان.


ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

اديبن، مُحققن، سگهڙن، شاعرن ۽ صحافت سان لاڳاپيل علم ڌڻين جي نانءِ

هيءَ ھڪ حقيقت آھي ته مان پاڻ اڃا تائين سگهڙائپ جي ”س“ تائين به نه پهتو هان ۽ سگهڙ ھُجڻ ھڪ وڏي غنيمت آھي.
سگهڙ لفظ جي معنيٰ تي جيڪڏھن اسان پورا لهون ته اها وڏي ڳالھ آھي پر ان لفظ تي پورو به هن بيقدريء واري دور ۾ ڪيئن لهي سگهبو؛؛؟
 جنهن دؤر اندر اسانجي قومي ادب ”لوڪ ادب“ سان گڏ سنڌي لوڪ ثقافتي ورثي کي بنھ نڌڻڪو ڇڏيو ويو هجي ۽ اسانجو ڪلچر پرڏيهي اٿڻي ويهڻي سبب زوال پذير ٿيندو هجي ته ان ماحول ۾ سگهڙائپ کي سَڪرات ۾ ڏسي هيانءُ ھُري، جيءُ جهُري رهيو آھي.
اڄ مان پنهنجي ٻوليء جي ٻاجهارن ۾ ڳڻيا ويندڙ (ادب جي مٿان ٻوجھ بڻيل ڪجھ) نام نهاد اديبن ۾ لوڪ ادب خلاف فرعوني سوچ حاوي ڏسي ائين چوڻ تي مجبور آھيان ته سنڌ سرڪار سميت ادبي ادارن جي سربراهن جي عدم دلچسپي سبب اسانجي هن سنڌي لوڪ ادب جا بابَ بند ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب لوڪ ادب ۽ سُگهڙ ڪچهرين کي ٻيهر اهو اوج ملندي ته نظر نه ٿو اچي، پر نتيجي طور جيڪو ڪجھ هن هلندڙ دؤر ۾ ٿورو گهڻو لوڪ ادب آھي ان کي سنڀالي، سنواري، سُڌاري محفوظ ڪندڙ به مايوس ٿي ويهي رهندا.
هڪ حقيقت جي اوهان کي ڄاڻ ڏيندو هلان ته مون جڏھن لوڪ ادب پارکو ۽ هن دور ۾ اڪيلي سر لوڪ ادب لاء پاڻ مُرادو جاکوڙيندڙ محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب ۽ سلات جي همدرد ساٿين جي مشوري سان تنظيم ”سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم“ (سلات) طرفان پهرين جنوري تي لعلو رائنڪ ۾ سال 2017ع کي الوداع ۽ سال 2018ع جي آجيان واري ڪانفرنس ۾ سال 2018ع کي سنڌي لوڪ ادب جو سال ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ته تمام گهڻو پُر اميد هيس ته هن جدوجهد ۾ سلات تنظيم کان ايشيا جي اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت ۽ ان کان سواء سگهڙائپ سان سلهاڙيل باقي ٻين مختلف علاقائي تنظيمن سان واڳيل منهنجا غير تنظيمي سگهڙ ۽ ادب لاء جاکوڙيندڙ ادارا  ” لوڪ ادب بچايو تحريڪ“ جي سڏ کي تمام گهڻي موٽ ڏيندا ۽ سندن ساٿ ۽ گڏيل جدوجهد سبب هي تحريڪ جلد ئي پنهنجي قومي ادب جي وارثي واري مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي ۽ ڪو نڪو خيرخواھ اچي ٻانهن مان جهلي چوندو ته ادا عاجز ؛ سنڌي لوڪ ادب رڳو تنهنجو يا سلات تنظيم جو ناهي پر سموري قوم جو تاريخي دستاويز آھي، ان کي سهيڙڻ، سنڀالڻ ۽ ترقي ڏيارڻ اسان سڀني جو قومي ۽ ادبي فرض آھي، پر ان جدوجهد ۾ ڪي ٿورا صحافي دوست ۽ تنظيم جا همدرد هئا جي، جن لوڪ ادب بچائڻ واري هن جدوجهد ۾ پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي ڀاڱي ڀائيوار رهي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لوڪ ادب بچايو تحريڪ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ڪانفرنسن ، سيمينارن، ڪچهرين ۽ ميڙاڪن کي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي پذيرائي ڏيڻ ۾ ساٿ ڏنو، باقي سموري سنڌي قوم جي ڀڀڪيون ڏيندڙ ۽ ڪانفرنسن ۾ سگهڙن کي ٻوليءَ جا ٿوڻيون ۽ ٿنڀ سڏي وقتي طور سياستدانن وانگر همدردي جا کوکلا نعرا هڻي سکڻيون دعوائون ڪري وڏيون تقريرون ڪندڙ اديبن، دانشورن، قومي اڳواڻن، ادارن جي سربراهن ۽ لوڪ ادب جي وارثيء جي ڪُوڙن دعويدار ادارن مان اسانکي نا اميدي پلئه پئي ۽ ان کان پوء مون پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪئي ته ٻين ۾ اميدون رکي توڪل جو طُرهو ٻڌندڙ نادان انسان؛ تو واري سوچ تمام غلط ۽ غير فائدي مند هئي، جو توسان لوڪ ادب جي وارثي لاء نه ڪنهن سگهڙ تنظيم ساٿ ڏنو ۽ نه ئي ڪنهن اداري جي سربراھ يا وري ٻولي ماهر کي ڪو روح ۾ رحم پيدا ٿيو، جو هن قومي ادب جي وارثي واري جدوجهد ۾ آيو آيو ڪري، مدد جي خاطري ڪرائي ها.
لوڪ ادب بچايو تحريڪ جي جدوجهد دوران اسان سلات جي سگهڙن، سنڌ جي تهذيبي ماڳ موهن جي دڙي کان ويندي هڪ طرف بلوچستان جي جَهٽ پَٽ جعفرآباد ۽ لس ٻيلي ۾ سسئي پنهون جي ڪيچ مڪران ڪبيرشاھ توڙي لاهوت لامڪان تائين، ته ٻئي طرف ڪشمور کان ڪراچي تائين واڪا ڪري قومي ادب جي وارثي لاء واڪا ڪيا، نه رڳو ايترو پر قومي ادب جي وارثي لاء لوڪ ادب جاکوڙي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مزار تي معصوم ٻچڙن کي وٺي ڀٽائي جي وائين سان گڏ، ڪوهياري ڳائي رڙيون ڪيوسين ۽ آخر لوڪ ادب جي تباهي جي خطرناڪ صورتحال تي ڪيڏارو ڳايوسين ته وري سنڌالاجي کان ويندي ٻوليء جي بااختياراداري تائين سندن دَرن تي ويهي بک هڙتالون ڪري دانهون به ڪيوسين پر هرڪو خاموش تماشائي بڻجي پري کان تماشي واريون تاڙيون وڄائيندو رهيو ۽ ڪنهن به سور سلي حال نه پڇيو ته اوهان آخر لوڪ ادب بچايو جا نعرا هڻي ڇو پيا روڊن تي رڙيون ڪيو؟؟
مونکان 6 اپريل 2018ع وارو اهو قيامت خيز لمحو به ڪڏھن نه وسرندو جو اسان لوڪ ادب جي وارثي لاء سنڌي ٻولي جي بااختياراداري جي دروازي تي بوسڪي جون پڳون پائي سنڌي ثقافت جو احساس ڏيارڻ لاء بک ۽ اڃ ۾ تڙپندي شاھ جو رسالو ۽ قومي ادب جا ڪتاب ميڙ طور کنيون مٽيءَ تي ويٺا هئاسين ۽ اداري جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ رٿيل لوڪ ادب پارکو ڊاڪٽر بلوچ جي ورسي ۾ ويندڙ نامور شخصيتون اسانکي حقارت جي نظرن سان نهاريندي بنا حال پُڇڻ جي ڪنڌ ڦيرايون اندر ويندا رهيا ۽ سواء اڪيلي اديب ۽ هڪ ڀلوڙ سُگهڙ جي فرزند استاد نوراحمد جنجهي جي باقي ڪنهن ٻئي سکڻو سلام به نه ڪيو. هن تقريب ۾ اهي ئي ماڻهو موجود هئا جيڪي لوڪ ادب جي خيرخواهي لاء تقريبُن ۾ ڊاڙون ۽ ٻٽاڪون هڻندا آھن.(ان تقريب ۾ موجود بيحس ماڻھن جا  نالا لکڻ مناسب نٿو سمجهان جنهن کي معلوم ڪرڻو هجي ته ان تقريب جون سوشل ميڊيا ۽ اخباري رپورٽون پڙھي نالا ڄاڻي سگهي ٿو)
مان حيران آھيان ته آخر انهن کي اها ڳالھ سمجھ ۾ ڇو نه آئي ته هو جنهن بلوچ کي ڀيٽا ڏيڻ اي سي هال ۾ وڃي رهيا آھن، اسان ان جي ئي پسنديده فن ”لوڪ ادب “ جي وارثي لاء روڊ تي ويهي بيحس ادارن جو ڌيان ڇڪائي رهيا هئاسين. ٿوري دير بعد مذھبي سوچ سان سلهاڙيل، ڊاڪٽر بلوچ جو عزيز ۽ ان وقت اداري جو وقتي سيڪريٽري امين محمد لغاري تماشائي انداز سان آيو ۽ حال پڇڻ بدران ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي هليو ويو ته ڀلي هتي سڄو سال ويٺا رهو پر اوهانجي ان مطالبي بابت هي ادارو ڪابه موٽ نه ڏيندو ڇو ته اسانجو ڪم لوڪ ادب نه پر ٻولي سان آھي. مونکي حيرانگي ان ڳالھ تي لڳي ته جنهن اداري جو بنياد لوڪ ادب جي پارکو وڌو هو، ان جي پسند ڪيل ادب جي وارثي جو مطالبو ڪرڻ ھن صاحب کي پسند نه آيو ۽ سندس ان رويئي اهو محسوس ڪرايو ته ڄڻ لوڪ ادب جو سنڌي ٻولي سان پَري پَري جو واسطو به نه هجي، ان ڪري هن ان جي وارثي پنهنجي اداري جي ذميواري ۾ شامل نه سمجهي. ساڳئي وقت ان کان وڌيڪ لوڪ ادب دشمني وارو ڪردار ته سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجي جو به رهيو جنهن سنڌالاجي اندر پنهنجي ياري دوستي نڀائڻ سان گڏ اقتداري ڌُر کي راضي ڪرڻ لاء سندن پارٽي سان سلهاڙيل اديبن جا ڪارنر ته قائم ڪيا پر لوڪ ادب جو نه ڪارنر قائم ڪيو ۽ نه ئي وري ايوارڊن واري تقريب ۾ ڪو لوڪ ادب جي شُعبي جو ايوارڊ ڏنو.

اوهانکي ٻُڌائيندو هلان ته مون جڏھن سگهڙن بابت اڻ پڙھيل هجڻ واريون رپورٽون پڙھيون ۽ تقريرون ٻُڌيون ته الاء ڇو ضمير جهٽڪو کاڌو ته اڻ پڙھيل جا طعنا ۽ مهڻا ڏئي سگهڙن کي نظر انداز ڪندڙ ان ڳالھ کي ڇو نٿا سمجهن ته خدا تعاليٰ ڪائنات جي هدايت لاء جن کي صحيفا ۽ ڪتاب ڏئي دنيا ۾ حق جو سبق پڙھائڻ موڪليو هو انهن نبي سڳورن ۽ پيارن پيغمبرن به ته ظاهري طور دنيا جي ڪنهن اسڪول ڪاليج يا مدرسي ۾ تعليم ڪانه پڙھي هُئي پر انهن تي جن اهڙي طرح جا الزام مڙھيا هئا انهن کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو ويو اهو قرآن پاڪ ۾ لکيل آيتون اهڙن ماڻھن جي جواب لاء ڪافي آھي.
ڳالھ ڪندس پنهنجي لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ”سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو“ جي، ته هن ڪتاب لکندي تاريخي حوالا گڏ ڪندي مونکي لڳاتار پنجن سالن جو وقت لڳو، اهو ان ڪري، جو هي سڄو ڪتاب وسائلن جي اڻ ھوند سبب مون خرچ بچائڻ لاء پاڻ موبائل فون تي ڪمپوز ڪيو آھي جيڪا هن وقت به مون وٽ موجود آھي ۽ اهو ڪتاب جو مواد نماز کان واندا ٿي مسجد ۾ ئي منهنجا شاگرد مونکي لکرائيندا ويندا هُئا ان ۾ منهنجن ڪجھ شاگردن جو تحقيقي مواد پڙھي ٻُڌائڻ ۾ وڏو ساٿ رهيو، ان سان هڪ اهو به فائدو ٿيو ته هي سمورو تحقيقي ڪم مون مسجد ۾ با وضو ويهي لکيو ۽ پڙھيو آھي.
رهي ڳالھ ڪجھ دوستن پاران منهنجي سهيڙيل ان ڪتاب جي ڪوتاهين جي، سو مان مڃان ٿو ته مان نه مُحقق آھيان نه ئي مؤرخ يا شارح، بس لوڪ ادب جي عشق ۽ شوق ۾ جيڪو سمجھ ۾ ايندو ويو، سو رنڍا روڙي اوهان اڳيان پيش ڪيو اٿم ان ۾ ضرور ڪَميون، ڪوتاهيون آھن پر عاجز سمجهي ان کي درگذر ڪرڻ سان گڏ غلطين جي نشاندهي به ڪندا ته احسانمند رهندس. ڇو ته مان تحقيق، تصنيف ۽ ترتيب جي لحاظ کان پاڻ کي ڪورو ڄٽ سمجهندو آھيان. بس ادبي ادارن جي بيحسي مونکان هي قلم کڻايو آھي پوء جيڪو سمجھ ۾ آيو سو لکندو ويس. مونکي ڀلي ڪو ادارو هن محنت جي مڃتا جو اعزاز يا ايوارڊ نه ئي ڏئي يا وري ڪو سکڻو وهواه جو داد ئي ڏئي پر گهٽ ۾ گهٽ تاريخ اهو ته محسوس ڪندي ته دنيا جن سگهڙن کي ڪورو ڄٽ ۽ جاهل سمجهي پئي انهن لاء جاکوڙيندڙ ھڪ گهٽ پڙھيل ۽ علم عقل کان عاجز انسان پنهنجي ادبي ۽ تنظيمي تاريخ پاڻ سهيڙي آھي .
مون پنهنجي هن سهيڙيل ڪتاب اندر ماضي ۽ مستقبل جي سگهڙن جي تيرهن تنظيمن جو به تعارف ڏنو آھي جن جو منشور يا مقصد رڳو سگهڙائپ ۽ لوڪ ادب ھيو يا آھي. باقي وقتي طور لوڪ ادب لاء جاکوڙيندڙ آواز گروپ لاڙڪاڻي سميت اهڙيون ٻيون تنظيمون يا ڪجھ ادارا منهنجي غفلت سبب رهجي به ويا آھن جن تنقيدي طعنا ۽ محبت وارا مهڻا به ڏنا آھن جيڪي منهنجي لاء رهنمائي جو سبب آھن ۽ خدا چاهيو ته ٻئي ايڊيشن ۾ انهن کي به شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس .ڪتاب ۾ شامل انهن تنظيمن جو مقصد تنظيمن جي نشاندهي سان گڏ اهو به هئو ته
ثقافت کاتو ۽ ميلا ڪميٽيون توڙي ادبي ادارا ملڪ جي آئين وانگر تنظيمن جي به آئيني جاچ پڙتال ڪري انهن جي ڪارڪردگيءَ موجب ميرٽ قائم ڪري، حقيقي ڏات ڌڻين جي  همت افزائي ڪن جي نه ته پوء سگهڙن جون به لوڪ ادب خدمت بدران رسمي پِيرن وانگر درگاهون کلنديون ۽ لوڪ ادب جي اصلي اهميت کي دفن ڪري رڳو پِيري مُريدي واري رسم ادا ٿيندي ۽ پوءِ رڳو ايندڙ جي آڌر ڀاءُ جا درٻاري غزل ۽ گيت ڳايا ويندا. نه رڳو ايترو پر ان عمل سان جعلي سگهڙن ۾ جعلي تنظيمون رڳو پيداگيري ۽ مفادن خاطر جنم وٺنديون جنهن سان نقلي پير پرستي وڌندي ۽ پيدا گيري جا دڪان  کلندا پوءِ ٻولي ۽ لوڪ ادب ويتر ننڌڻڪائپ جي  ور چڙهندا، جنهن جو الزام سڌي ريت ثقافت کاتي ۽ ادبي ادارن تي لڳندو، ڇو ته انهن جي بي مقصد جَٿي جي  مدد اوهان نه ئي کڻي  ڪيو پر انهن جي اهڙي غير جمهوري هلچل ۽ غير ادبي سرگرمي تي انهن کان پڇا ڳاڇا نه ڪرڻ به ان جي عمل ۾ برابر جو شريڪ هئڻ مثل آهي.
اوهانکي ٻُڌائيندو هلان ته هن تاريخي جائزي واري ڪتاب سهيڙڻ ۾ مون وسائلن جي اڻ ھُوند باوجود لوڪ ادب جا لاتعداد ڪتاب ڏوڪڙ ڏئي خريد ڪيا ۽ جيڪي نه ملي سگهيا اهي مختلف ادارن مان ڦوٽو ڪاپي ڪرائي مطالعي هيٺ آندم، جيڪي اڄ به منهنجي ڪُتب خاني ۾ محفوظ آھن. هن ڪتاب جي سهيڙ ۾ مون پنهنجي پاران هرهڪ سگهڙ تنظيم جي اڳواڻ کي روبرو ۽ فون تي عرض ڪيو ته لوڪ ادب بابت اوهان جيڪا به جدو جهد ڪئي هجي ان جو حقيقي پس منظر ۽ پيش منظر ڏيو ته جيئن تاريخ ۾ ڪا من گهڙت ڳالھ نه اچي ۽ بعد ۾ رهجي وڃڻ جون ڪير به دانهون نه ڪري. جيئن هن وقت اهي ساڳيا ئي ماڻھُو مهڻا ڏين ٿا ته اسانکي رهائي ڇڏيئي ( ۽ مون انهن کي ڪتاب اچڻ کان اول جيڪو عرض ڪيو هو اهو عرض مون وٽ سندن آواز ۾ محفوظ آھي) سو ڪجھ مهربان دوستن مانائتي موٽ ڏني ۽ ڪن نه به ڏني ته وري مون لوڪ ادب بابت ڇپيل ڪتابن جو سهارو ورتو ۽ اهو احوال جيئن جو تيئن ڏنو اٿم .
 هن ڪتاب ۾ مون پنهنجي تنظيم سلات طرفان ڪوٺايل ڪچهرين ۽ ڪانفرنسن جو جائزو ان ڪري به شايع ڪيو آھي ته سنڌ اندر سگهڙ تنظيمن جي ڪيل ڪم کي اڳ ۾ ڪڏھن به ڪتابي صورت ۾ محفوظ ناهي ڪيو ويو ۽ اڳتي هلي متان ڪو ايندڙ محقق يا پارکو ميار ڏئي ته سگهڙ تنظيمن ڪو به ڪم ناهي ڪيو ۽ ڪيو آھي ته رڳو سرڪاري سهڪار تي پئي پيٽ پاليو ۽ هنن کان پاڻ کان ڪجھ به ڪين ٿيو، يا وري اسانجو ڪو ادارو ڊاڙ ھڻي ته اسان ئي سڀ ڪجھ ڪيو آھي سگهڙن پنهنجي مدد پاڻ ڪجھ به ناهي ڪيو.
اڳتي هلي سڀاڻي ڪو نام نهاد وري ته ڪنهن سگهڙ کي طعنو نه هڻندو ته اوهان اڻ پڙھين لوڪ ادب کي ڇا ڏنو آھي؟؟؛؛
سو مون انهن کي اهو محسوس ڪرائڻ لاء به هن جدوجهد کي ڪتابي صورت ۾ ڇاپايو ته اسان اڻ پڙھيلن پنهنجي اڻ ھُوند ۾ ايترو ڪيو آھي هاڻي اوهان لکيا پڙھيا ۽ ادارن جا چڱا مُڙس به پنهنجي هوند ۽ وسائلن آڌار قومي ادب لاء ڪجھ ڪري ڏيکاريو، ڪا ته چڱ مُڙسي ظاهر ڪيو. سو هي منهنجي شروعات آھي ۽ ان ڪم کي گهڻو اڳتي به وڌائي سگهجي ٿو، پر ان لاء لوڪ ادب جو درد ھجي ۽ حقيقتون گڏ ڪرڻ لاء سگهڙ سنگت جي ساٿ سان گڏ وقت ۽ وسائل به گُهرجن.
ان ڪري مان اهو چوندس ته لوڪ ادب جي وارثي لاء ادارن کي اک پٽڻي پوندي ۽ لوڪ ادب کي پنهنجو ڪرڻو پوندو.
اها ڳالھ ٻُڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان ته مون لوڪ ادب جو تاريخي جائزو واري ڪتاب ۾ لوڪ ادب بابت جن 707 ڇپيل ڪتابن(ببليوگرافي) جو ذڪر ڪيو آھي ته انهن ڇپائيندڙ ادارن جو به گهڻي قدر نالو ڏنو اٿم پر ڪجھ اهڙا ڪتاب به آھن جن مان ڪنهن جي اداري جو نالو لکيل ناهي ته وري ڪنهن جي ڇپائيءَ جو سال معلوم ناهي ۽ منهنجي خيال ۾ ته لوڪ ادب بابت ڇپيل اڃان به  کوڙ سارا ڪتاب آھن جن جو تفصيل ڪتابن توڙي دوستن وٽان به مونکي نه ملي سگهيو ۽ ڪجھ ڪتاب مختلف لائبريريون جاچڻ باوجود هن ڪتاب ڇپجڻ تائين نه مونکي نظر آيا ۽ نه وري ان جي ڇپجڻ بابت ڪا مونکي ڄاڻ ملي سگهي، خاص ڪري سنڌي ادبي بورڊ پاران ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لوڪ ادب اسڪيم کان سواء ڇپيل لوڪ ادب جي ڪتابن جي ڄاڻ ڪجھ مجبورين سبب حاصل ڪري نه سگهيس .
ساڳئي ڪتاب ۾ لوڪ ادب بابت ڇپيل ڪتابن سان گڏ مون مولودن جي ڇپيل ڪتابن جو به الڳ (ببليوگرافي) حوالو ڏنو آھي ڇو ته جيئن شاعريءَ جي صنف ۾ بيت، سينگار، هُنر ۽ ڪافي، لوڪ ادب آھي، تيئن مولود به لوڪ ادب جي ئي صنف آھي. اسان وٽ لوڪ ادب جي سگهڙائپ واري فن سان گڏ مولود گو شاعر به تمام گهڻا رهيا آھن جن مان ڪجھ شاعرن جا ته ڪتاب ڇپيا پر گهڻا شاعر سگهڙن وانگر مولودن جو مواد پنهنجي سيني ۾ سانڍي هليا ويا.
آخر ۾ وري به اهو ئي عرض ڪندس ته اسانجو قومي ادب يعني لوڪ ادب پوين پساهن ۾ آھي، ان ڪري ان کي وڌائڻ ويجهائڻ سان گڏ ان کي محفوظ ڪرڻ جي به سخت ضرورت آھي.
تازو لوڪ ادب جي وارثي لاء مون انوکو احتجاج نوٽ ڪرائي علامتي طور ڪجھ ڪتابن کي سنڌوءَ جي سِيرن حوالي ڪري لاڳاپيل ادارن ۽ سرڪار نامدار جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان منهنجي انوکي احتجاج کي پرڏيهي ميڊيا به سنڌواسين جي بيحسي طور تمام گهڻي پذيرائي ڏني، سوشل ميڊيا جي فيس بُڪ، واٽس ايپ گروپن ۽ ٽوئيٽر وغيره تي به بحث ڇِڙيا پر وري به لوڪ ادب مخالف سازشون ئي گوءِ کڻي ويون جن ادب جي وارثي جو آواز اٿارڻ ۽ منهنجي احتجاج ڪرڻ واري مقصد کي سمجهڻ بدران رڳو منهنجي ان انوکي احتجاج واري عمل تي تنقيد ئي ڪئي جنهن سبب ادارن جون اکيون پُوريل ۽ سرڪار نامدار جو به لوڪ ادب سان نڌڻڪائپ وارو رويو اڃا تائين برقرار آھي.
ٻئي مرحلي ۾ وري مون جڏھن ٻئي احتجاج ۾ پنهنجي مڃتا وارا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به درياھ ۾ اڇلائڻ جو اعلان ڪيو تڏھن به لاڳاپيل ادارن جي سربراهن ۽ سرڪار نامدار جي ڪارندن کي ڪا ڪهل ڪان آئي.
وري به لک قرب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجھ ساڃاھ وند اديبن، سگهڙن، شاعرن، ڪلاڪارن جا جيڪي وقتي طور دل کي دلاسو ڏيڻ ۽ منهنجي مڃتا جو ڀرم رکڻ لاء ميڙ منٿ قافلن جي صورت ۾ ڪهي آيا ۽ ادبي ادارن سميت لاڳاپيل ذميوارن جي مُنهن تي چماٽ ھنيائون ته جيڪڏھن ادارا لوڪ ادب جي وارثي ڪرڻ جي مونڊ ۾ ناهن ته گهٽ ۾ گهٽ شعوري طور مليل مڃتائن جي آپگهات تي خاموش تماشائي ته نه بڻجن.
ڪهي آيل قربائتن ۾ اديبن جي اڳواڻي محترم عزيز قاسماڻي ڪئي ته سگهڙن جي سربراھي سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم جي مرڪزي صدر ممتاز ملوڪ عباسي ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي مرڪزي صدر گل حسن گل ملڪ ڪئي.
ان کان پوء لوڪ ادب بچايو ايڪشن ڪاميٽي به جوڙي وئي پر وقتي مجبورين سبب اها به اڃان سست رفتاري جي ور چڙھيل آھي ۽ ٻئي طرف لوڪ ادب خلاف سازشن واري جماعت جون حرڪتون ڏينهون ڏينهن وڌنديون پيون وڃن .


عاجز رحمت الله لاشاري

لطيفي لات

ڪنھن وقت مينھن وسيو آھي ته رعد جي رڙ، وڄ جي کنوڻ، پلر جي پالوٽ، پٽن جي پاھ جھلڻ، گسن تي گاھ ٿيڻ، سنگھارن جي سرھي ٿيڻ ۽ ان ارزان ٿيڻ جا بيان نھايت مختصر پر مائيدار لفظن ۾ ڪيا اٿس، جي سر سارنگ ۾ ڏنل آھن. سندس ٻوليء ۾ جھڙو آھي ٻل، تھڙي نزاڪت. ڏسو ته برسات جو بيان ڪيئن ٿو ڪري؛

اڄ رسيلا رنگ بادل ڪڍيا برجن سين،
ساز سارنگيون سرندا، وڄائي برجنگ،
صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڌام تي.

جنھن وقت ھھڙيون سٽون پڙھجن ٿيون، تنھن وقت پنھنجي دل ڪري ائين پيو ڀائنجي، ڄڻ ته ھيئنر اسان جي اڳيان وڄن وسڻ جا ويس ڪيا آھن ۽ مينھن ٽھ ٽھ ڪيو ائين پيا ٽمن، جو ڄڻ ته آسمان ۾ محفل مچي ويئي آھي. ساز، سارنگيون ، سرندا پيا وڄن ۽ سارنگ جون صراحيون پيون اوتجن. اتي ئي پنھنجي سچي سائينء کي سنڀاليندي چيو اٿس ته؛

مينھان ۽ نيھان، ٻئي اکر ھيڪڙي،
جي وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيھان،
بادل ٿي بيھان، جي آگم اچڻ جا ڪرين.

شهيد مخدوم بلال رحه سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

مخدوم بلال ذات جو سمون هو سندس والد جو نالو مخدوم حسن هو، مخدوم بلال دادو ضلع جي هڪ ڳوٺ ٽلٽي ۾ 4 ربيع الاول 856هه مطابق 16 جون 1451ع تي پيدا ٿيو، مخدوم بلال جو ڏاڏو مخدوم محمد ادريس سمون لس ٻيلي جو حاڪم هو، مخدوم بلال بادشاهي ماحول ۾ نپجڻ جي باوجود سادو هو، دنياوي معاملن ڏانهن سندس توجهه گهٽ رهندي هئي، ديني تعليم ۽ عبادت جو شوق گهڻو هوندو هئس، شروعاتي تعليم سيد شهاب الدين شاهه جي مدرسي ۾ سيد نور حسين شاهه بخاري وٽ حاصل ڪيائين، جنهن ۾ ناظره قرآني ۽ فقهه جا ڪتاب پڙهڻ سان گڏ عربي، فارسي، علم جي تعليم حاصل ڪيائين. سندس ذهانت جي ڪري مخدوم بلال ڪافي ڪتاب بر زبان ياد ڪري ويو، ان ڪري سندس استاد ۽ سمورا طالب علم کيس عزت ۽ قدر جي نگاه سان ڏسندا هئا، پاڻ جڏهن وڏو ٿيو ته ڪورڪو ڪم اختيار ڪيائين، ان زماني ۾ انهيءَ ڪم جو وڏو قدر هو، خدا جو سڀ ڪجهه هوندي به هڏن جي پورهئي کي ترجيح ڏنائين ۽ پنهنجي ڪورڪي پورهئي مان گذران ڪندو هو، انهيءَ نيڪ ڪرت کي ڀلاري ڀٽ ڌڻي به ساراهيو آهي. ”هلو هلو ڪورئين نازڪ جن جو نينهن، ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا“. مخدوم صاحب جا وڏا اصل ٺٽي جا رهواسي هئا، پر پوءِ باغبان لڳ سيوهڻ ۾ اچي رهيا.

ان وقت مخدوم دانيال نالي هڪ الله لوڪ درويش باغبان ۾ رهندو هو، مخدوم دانيال مخدوم صاحب جي صحبت ۾ گهڻو ايندو هو ۽ مخدوم جو معتقد بڻجي چڪو هو، هڪ ڏينهن مخدوم صاحب پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو ۽ مخدوم دانيال نالي هڪ الله لوڪ درويش باغبان ۾ رهندو هو، مخدوم دانيال به سندس ڀرسان ويٺو هو ته سيد حيدر شاهه نالي هڪ سائل قافلي سميت اچي نڪتو، مخدوم صاحب آڏاڻي مان نڪري سندس استقبال ڪيو ۽ مخدوم دانيال کي مهمانن جي رهائش لاءِ الڳ جاءِ ٺاهڻ جو حڪم ڪيو ۽ مهمانن کي رهڻ لاءِ ۽ رهائشگاهه تي وٺي ويو، کاڌي جو به انتظام ڪيائون، مخدوم صاحب ٻه وڏيون ديڳيون تيار ڪرائي کڻائي آيو، هڪ ۾ طاهري ۽ ٻي ۾ ڪڻڪ جو ڏارو هو، چون ٿا ته جن طاهري کاڌي انهن جي قسمت ۾ به خدا پرستي ۽ دنياداري لکجي وئي ۽ جن ڏارو کاڌو تن کي ڪماليت ۽ بزرگي حاصل ٿي. ان وقت مخدوم دانيال شيخ ڀرڪڻ ۽ حيدر شاهه ڏارو کاڌو ۽ صاحب ڪرامت بڻجي ويا. اها خبر ٺٽي جي ميران محمد جونپوري کي پئي، سو ساڙ وچان اچي مخدوم صاحب جي خلاف ڳالهائڻ لڳو. ميران محمد پڪو ارادو ڪيو ته مخدوم بلال کي مارائي ڇڏجي، ٺٽي جا حڪمران ميران محمد جي اثر ۾ هئا، ان کان اڳ هڪ تاريخي تذڪرو هن ريت آهي ته ڄام فيروز جي زماني ۾ 914هه ۽ 927هه جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون 928، 927هه سنڌ تي ڪاهه دوران باغبان وٽان لنگهائو ٿيو ته مخدوم بلال رح ۽ سندس مريدن قومي غيرت وچان مٿس حملو ڪيو، پر شاهه بيگ سر بچائي ڀڄي ويو ۽ ٺٽي ۾ وڃي ڄام فيروز کان هڪ معاهدي تحت سيوهڻ جو علائقو هٿ ڪيو ۽ ٽلٽي ويجهو اچي سرندي وارن ماڻهن کي سڏائي پنهنجي بيعت وٺڻ شروع ڪيائين، ماڻهن بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪن ماڻهن شاهه بيگ کي ٻڌايو ته مخدوم بلال ماڻهن کي منع ڪري رهيو آهي، شايد اهي سبب آهن، جن جي ڪري مخدوم صاحب تي مختلف الزام لڳايا ويا ۽ هڪ موچي کان جُتي تيار ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڪلام پاڪ جا ورق اندر رکيا ويا ۽ اها جُتي مخدوم صاحب کي نذراني طور ڏني وئي، پر مخدوم صاحب اها جتي پيرن ۾ ڪڏهن به نه پاتي هئي، آخر ڪوڙا گواهه ڪري مخدوم صاحب تي الزام هنيو ويو ۽ عالمن کي ڪلام پاڪ جي بي حرمتي جي ڏوهه ۾ موت جي سزا جي فتويٰ صادر ڪرائي وئي ۽ کيس گهاڻي ۾ پيڙائڻ جو حڪم ڏنو ويو،

مخدوم صاحب کي وقت جي قاضي صفائي ۾ ڪجهه چوڻ لاءِ چيو ته مخدوم صاحب چيو ته مان ڪجهه چوڻ نه ٿو چاهيان ۽ رضا الاهي تي راضي آهيان، ان بعد جسم کي لوهي گهاڻي ۾ پيرن کان وٺي پيڙهي ڪباب مثل ڪيو ويو، سندس مريدن ۽ معتقدن سندس خون ۽ گوشت کي هڪ مٽ ۾ وجهي موجوده جاءِ تي دفن ڪيو، اها شهادت تاريخ 1 محرم 929هه تي ٿي، شهيد مخدوم بلال امر بڻجي ويو ۽ دشمن نيست و نابود ٿي ويا، مخدوم جي اڄ به روحاني حڪمراني قائم ۽ دائم آهي ۽ ماهه پهريون جمعو احترام سان ملهايو ويندو آهي.

هڪ روايت آهي، جڏهن مخدوم بلال رح کي شهيد ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ۽ موچي کي اهڙي جوتي تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن ۾ ورق رکيا ويا هئا، اهو ڪمبخت موچي جڏهن جتي کڻي مخدوم صاحب جن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ اچي رهيو ته مخدوم صاحب جن فرمايو ته اسان وٽ ڪلام پاڪ اچي پيو، پاڻ فرمايائون ته اٿي ان جو استقبال ڪيو، ماڻهن ڏٺو ته هڪ موچي اچي رهيو هو، ان جي هٿ ۾ جتي هئي، اها سائين جن کي پيش ڪئي، مخدوم صاحب جن ان موچي کي اوزار کڻي اچڻ جو چيو، موچي اوزار کڻي آيو، مخدوم صاحب جن انهن اوزارن کي غسل ڏيڻ لاءِ چيو، اوزار پاڻي سان پاڪ ڪيا ويا ۽ ان جتي کي کولرائي ورق ڪڍيا ويا ۽ ان چمڙي مان ٽوپي ٺهرائي وئي، جيڪا مخدوم صاحب جن مخدوم ساهڙ جيڪو سندس خليفن مان هو، ان کي ڏني. هن واقعي کان اڳ ڪجهه ملان مخدوم صاحب وٽ آيا ته جيڪو شخص ورق جتي ۾ رکي ۽ جتي پائي ته ان کي ڪهڙي سزا ڏجي. مخدوم صاحب جن فرمايو ته اهڙي گستاخ کي لوهي گهاڻي ۾ پيڙهائجي. ملن اسرار ڪيو ته اها فتويٰ پنهنجي هٿن مبارڪن سان لکي ڏيو. مخدوم صاحب جن لکي ڏني، هاڻي بوبڪن ۾ وقت جي قاضي وٽ مقدمو پيش ڪيو ويو، شاهدن ۾ اهو نالائق موچي به هو، جنهن جتي پيش ڪئي هئي، اهو شاهدي ڏئي ويو ته مخدوم بلال رح جن اها جتي پاتي هئي، انهي دوران ملن جي لکرايل اها فتويٰ جيڪا مخدوم صاحب جن لکي هئي پيش ڪئي وئي، مخدوم صاحب جن خدا جي رضا سمجهندي پنهنجي بچاءُ ۾ ڪجهه به نه چيو ۽ شهادت قبول ڪيائون ۽ کين قاضي قازن جي حڪم تي لوهي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو. جڏهن کين پيڙهيو پئي ويو ته اول پاڻ رنائون پوءِ مسڪرايائون، حاضرين پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي، ان تي پاڻ فرمايائون ته اول غيب جا پردا هئا، سوچيم هي جان جو نذرانو خداوند ڪريم جي درٻار ۾ پيش ڪيو اٿم قبول پيو يا نه، جڏهن پڪ پئي ته قبول ٿي ويو ته خوشي محسوس ٿي.

مخدوم بلال رح جي وصيعت تي سندس گوشت ۽ رت هڪ مٽ ۾ وجهي مٽ کي ڏولي ۾ رکي بوبڪ کان سندن آخري آرامگاهه واري جاءِ ڏانهن نيو پئي ويو ته انهن ماڻهن جو تعداد 50 کن هو، جڏهن ڏولي کي ڪلهو ڏنو پئي ويو تڏهن جهنگ مان نامعلوم ماڻهن جو وڏو تعداد نڪرندو آيو ۽ انهن ڏولي کي ڪلها ڏنا ۽ باغبان تائين جنهن اول ڪلهو ڏنو هو ته وري ان جو ٻيهر وارو نه آيو، ماڻهو هئا يا آدم جي صورت ۾ ملائڪ هئا جو انهن کي تر جا ماڻهو سڃاڻي به نه پيا سگهن، آخر سندن مدفن جي جاءِ تي کين دفن ڪيو ويو.