سنڌ ڏيھ ۾ شاعرن جي ڪمي ڪانهي. گهڻن ئي درجن جا شاعر ٿي
گذريا آهن، ۽ اڃا تائين به پيا ٿيندا. جيستائين حُسن ۽ حق، عشق ۽ خوبي دنيا ۾
موجود آهن تيستائين شعر جو ميدان پڻ گرم رهندو. پر شعر کي به لاها چاڙها آهن. بعضي
سندس زمين آباد آهي ته بعضي غير آباد. جڏهن انساني سڀاءُ، روحاني شين کان وڌيڪ،
جسماني شين ڏي مائل ٿيندو آهي. تڏهن شعر جي بازار به البت بي رونق ٿي ويندي آهي.
پر وري وري نوان نوان رنگ روپ ڌاري وڃي پنهنجي اصلوڪي اوج تي رسندو آهي. شعر، نيڪ
نيتن، پاڪ خيالن ۽ عشق جي اُمنگن جو ترجمان آهي، ڪير ڄاڻي ته ڪَر هاڻ پڻ ڪو وڏو
شاعر فطرت جي ڪُک ۾ سمايل هجي، جنهن جي آجي ٿيڻ جو اڃا وقت نه آيو هجي.
سچل ۽
ساميءَ، بيدل ۽ بيڪس، يوسف ۽ صادق جا نالا ته هر ڪنهن سُئا هوندا. هر هڪ جي ڪلام ۾
پنهنجي پنهنجي خوبي ۽ لذت آهي. ڪن پڙهندڙن کي هڪڙي مان مزو ايندو ته ڪن کي ٻئي
مان. پر شاھ لطيف جهڙو هر وجه ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر، سنڌ ۾ اڃا ڪونه پئدا ٿيو.
اهڙو ڪو سنڌي خواندو مشڪل لڀندو، جنهن کي سندس ڪلام جي سڪ نه هوندي. ۽ اهڙو ڪو هنڌ
خالي نه هوندو، جتي سندس شعر جو پڙاڏو ڪَنِ نه پوندو. سندس شاعراڻي “کستوريءَ جي
خوشبوءِ سڀ ولايت واسي ڇڏي آهي.” شاه ئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪُلي لياقتون
موجود آهن. سندس خيالي قوت جو هڪ وڏو پرياڻُ هي آهي ته جئن جئن اسين سندس شعر تي
اونهو غور ڪنداسين، تئن تئن اسان ۾ نئين نئين حيرت اُتپن ٿيندي. ٻين شاعرن جي
خيالي قوت پڻ چڱي آهي، مگر شاھ جي دز کي به نه رَسي سگهندا. شاھ جو ڪلام، خواه
خلوت ۾ پڙهبو خواه محفل ۾، خواه ڪنهن مثال يا ٽيڪا طور ڪتب آڻبو، ته نيون نيون
خوبيون اسان جي اچرج جو ڪارڻ ٿينديون. ۽ سندس طبع جي فراوانيءَ جي شاهدي ڏينديون.
۽ وري وري پڙهڻ سان سندس شعر ۾ ضرور اهڙي ڪا نئين نزاڪت نظر چڙهندي جا اڳي اک کان
گُسي وئي هوندي. اهڙو ڪو ورلي لڀندو جنهن کي شاه جي مهراڻ مان معنيٰ جا موتي هٿ نه
آيا هجن يا جو سياڻپ ۾ ساڃاه جي سبق پرائڻ کان محروم رهيو هجي.
جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهين
وڃيو مَن لائين، پريان سند پار ڏي
وڃيو مَن لائين، پريان سند پار ڏي
ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتري قدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر
منجهس جمال جي مُشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي ۽ جيتري قدر اُن مشاهدي جي ڪري سندس
جِيءَ ۾ جذبا ۽ اُمنگ اُٿن ٿا. جمال جا پڻ ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ: طبيعي، جسماني،
اخلاقي ۽ روحاني. مگر در حقيقت سڀ حُسن جو مول هڪ ئي آهي ۽ جنهن جنهن ويس ۾ پاڻ کي
پڌرو ڪري ٿو تنهن تنهن ويس جي پسڻ سان نينهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا. دنيا ۾
ادنيٰ مان ادنيٰ انسان به حُسن تي حيران آهي ۽ ڏانهس رغبت رکي ٿو. مگر اها رغبت
اڪثر منجهس پنهنجي ڪامنا پوري ڪرڻ جي اِڇا اُتپن ڪري ٿي، ڀل ته اها اِڇا ڪيتري به
اَڻ لکي هجي. اهڙو ماڻهو صرف مشاهدي سان گهڻي تائين ريجھ رهاڻ ڪرڻ جو لائق نه آهي،
ستت ئي پنهنجي ڪامنا سڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جو سندس اصلي ۽ آخرين مقصد آهي. اهوئي
سبب آهي جو هو قدرتي توڙي صنعتي حُسن جي نظاري مان سگهو ئي ڪَڪِ ٿيو پوي. پر شاعر
جي حالت ۾ پهريون ئي پهريون اثر، جو حسن جي مشاهدي ڪري مٿس پئدا ٿئي ٿو سو آهي
سندس “وجود جو ورق” ڌوئي صاف ڪرڻ. سندس ساري هستي سونهن واري شيءِ جي مشاهدي سان
ڀرجيو ٽمٽار ٿيو پوي. پوءِ اها شيءِ خواه قدرتي نظارو هجي، جهڙوڪ چمن جو چهچٽو،
درياه جي لس ليٽ، چنڊ جي چٽائي، تارن جي جهرمر ڪَڪَن جي ڪارونڀار وغيره؛ خواه
انساني حسن جو جلوه هجي جهڙوڪ: سپرينءَ جي سونهن، لالن جو لبيس، معشوق جو ناز ۽
سندس هار سينگار وغيره وغيره. شاعر اهڙي مشاهدي ۾ پاڻ کي محو ڪريو ڇڏي ۽ پنهنجي
شخصيت کي وساري خود شيءِ جي آرسي بنجيو پوي. اهڙي وقت ۽ اهڙيءَ حالت ۾ پروڙيل
حقيقت نس پس اها شيءِ نه آهي، مگر خود “سونهن جو سر” جنهن مان اها شيءِ ڦُٽي نڪتي
آهي. پروڙيندڙ ۽ پروڙيل شيءِ ٻئي پنهنجو پاڻ وڃايو ليءَ ٿيو وڃن. يوسف نالي شاعر
اها حقيقت هن ريت نروار ڪئي آهي.
محبوب ڪِي صورت ۾ گم هوڪي ويک نظارا آپ سارا
شاعر کي نه فقط اهڙو نشڪام يا لاطمع مشاهدو نصيب ٿئي ٿو مگر
ان جي اظهار ڪرڻ لاءِ پڻ سندس دل ۾ هڪ جنبش جاري ٿئي ٿي. ۽ سيمابي صورتون، جي مشاهدي
بعد سندس اڳيان تري رهيون آهن، تن کي هڪ محڪم ۽ سهڻي شڪل ڏئي، ٻين انسان جي دلين ۾
پڻ اهڙن جذبن اُٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جهڙا مشاهدي وقت سندس دل ۾ اُتپن ٿيا هئا. هو
هاڻ پاڻ کي، گويا هڪ پيغمبر يا داعي ڪري سمجهي ٿو. حق ۽ حسن جو هوڪو ڏئي ٿو ۽
انسان ذات جي آنتي ۽ آسائش جو ڪارڻ بنجي ٿو. ۽ ماڻهو پڻ اهڙي اعليٰ انسان وٽان
حياتي ۽ حياتيءَ جي سچي مقصد جو سبق ڀليءَ ڀت پرائي سگهن ٿا. سندس پيغام هڪ قسم جو
الهام آهي. مولانا رومي فرمائي ٿو:
شاعري جزويست از پيغمبري__جاهلانش ڪفر دانند از خري
پر شاعر ۾ به فقط حسن جي مشاهدي ۽ حقيقت جي پروڙ جي قابليت
هئڻ گهرجي، گهر ان سان گڏ هڪ ٻئي هنر جو پڻ هئڻ ضروري آهي جنهن کي شاعري صنعت چئجي
ٿو. شاعر ان صنعت جي وسيلي، پنهنجن خيالن ۽ جذبن کي اهڙن عمدن ۽ اثرائتن لفظن ۾،
اهڙي سليس مگر رنگين عبارت ۾، اهڙن نون ويسن ورنن ۾، اهڙي ڍنگ ۽ طرز سان بيان ڪري
ٿو جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جون دليون بي اختيار ڇڪجيو وڃن. ۽ اها نقش ڪيل تصوير سندن
اکين اڳيان پئي ڦِري. ازانسوءِ وزن ۽ ڪافئي جو پڻ ضرور آهي، جنهن جي ذريعي شاعر جو
ڪلام وڌيڪ لطيف ۽ لذيذ ٿئي ٿو. پر ڪلام اهڙو هئڻ گهرجي جو ماڻهن جي دلين تي بجليءَ
جهڙو اثر پيدا ڪري. انهيءَ لاءِ ڪن ٻين خاصيتن جو پڻ شاعر ۾ هئڻ واجب آهي جن جي
دوران شعر جو حسن هيڪاري نڪريو نروار ٿيو پوي. اها ڪامل شاعر جي آخرين منزل آهي.
اُهي خاصيتون آهن: فصاحت، سلاست، جدت ۽ جوش.
فصيح ڪلام
اهو آهي جنهن ۾ هر هڪ لفظ اهڙو ڪم آيل هجي جنهن جي اُچار ڪرڻ ۾ زبان کي ڪابه تڪليف
يا هٽڪ نه ٿئي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهن ڪڏهن مگر هميشه شاعر جي ڪلام ۾ اختيار ڪيل
هجي نه ته سندس ڪلام کي فصيح نه چئبو.
بلاغت اها
آَهي جو ڪلام وقت ۽ حال جي مطابق هجي. انسان ۾ هر طرح جا پُور ۽ جذبا اُٿن ٿا،
ڪڏهن غم ۽ غصو، ڪڏهن کل ۽ خوشي، ڪڏهن ڳڻتي ۽ فڪر، ڪڏهن مستي ۽ مدهوشي، ڪڏهن عشق ۽
محبت ۽ ڪڏهن بيتابي ۽ بيقراري وغيره وغيره. شاعر کي اهي سڀئي حالتون اهڙيءَ صفائي،
چٽائي ۽ درستيءَ سان مختصر پر مائيدار لفظن ۾ بيان ڪرڻ گهرجن جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن
جو ڌيان کُپي وڃي ۽ سندس سحر نگاري تي موهت ٿي پون.
سلاست جي
معنيٰ آهي ته ڪلام ۾ اهڙا لفظ آيل هجن جي روزمره ماڻهو استعمال ڪن ٿا. استعارا،
تشبيهون ۽ ٻيون ڪلامي صنعتون اهڙيون ساديون ۽ سوليون هجن جو ماڻهو هڪدم پروڙي سگهن
۽ هر هڪ ماڻهو پنهنجي پنهنجي فهم ۽ لياقت آهر ان مان لطف ۽ مزو حاصل ڪري سگهي. سڀ
کان سهڻو شعر ان کي چئبو آهي جو ڪو ماڻهو ان کي پڙهي يا ٻڌي ته ازخود ايئن چوي ته
“سچ آهي” ۽ ان جي سلاست سادگي ڏسي دل ۾ اچيس ته اهڙو ڪلام “ آءٌ پڻ چئي سگهان ٿو”
مگر جڏهن چوڻ جي ڪوشش ڪري ته وايون بطال ٿيو وڃنس.
جدت جي مراد
آهي ته شاعر کي گهرجي ته موضوع اهڙا علحدا علحدا اختيار ڪري جن تي ٻين شاعرن
پنهنجي طبع آزمائي نه ڪئي هجي يا جيڪڏهن ڪئي هجين ته به انهن کي اهڙي طرز ۽ نموني
۾ ادا ڪري جو ايئن معلوم نه ٿئي ته ڪنهن جي نقل يا تنبع ڪيو اٿس. ازانسوءِ پنهنجو
مطلب اهڙن نون نون طريقن سان بيان ڪري، ۽ هڪڙي خيال کان ٻئي خيال ڏي ۾ اهڙي
ڪاريگري ڪتب آڻي جو پڙهندڙ جو ڌيان ٽُٽي نه وڃي. ۽ پڻ سندس لفظن ۽ جملن ۾ اهڙو اثر
۽ جوش هجي جو ڀانئجي ته اهي ۽ لفظ ۽ جملا اندر مان اُڌما ڏيئي نڪتا آهن.
شاه لطيف ۾ مٿيون
ڄاڻايل لياقتون هر طرح هيون. رواجي شاعرن تي غور ڪبو ته ڏسڻ ۾ ايئن ايندو ته ڄڻ
ٻُسو ئي ٻُسو آهي يا ته رڳو حسن جون هاڪون ۽ عشق جون صدائون آهن يا ته رڳو تصوف ۽
ويدانيت جا متا مڙهيل آهن؛ يا ته فقط وحدانيت جي واکاڻ آهي. اهو حال نه فقط سنڌي
شاعرن جو آهي پر اڪثر ڪري هندستان جي ٻين شاعرن جو پڻ. پر شاه لطيف جو شعر طرح طرح
ڀاتين جو آهي؛ نهايت رنگين ۽ گوناگون آهي. هر قسم جي شاعريءَ جو استاد هو. سنڌ
ڇڏيو پر هندستان ۾ به سندس مَٽُ ڳولڻ مشڪل آهي. سندس نالو دنيا جي نام ڪٺين شاعرن
جي دفتر ۾ داخل ٿيڻ جو هر وجه لائق آهي. شاج جي شاعراڻي ڏات اهڙي اعليٰ درجي جي
هئي، جو شاعريءَ جو ڪو به فن نه آهي جنهن ۾ سندس دماغ درياءَ جي لهرن وانگر ڇوليون
نه هيون هجن. هر طرح جا مضمون سندس خيالي خزاني ۾ ميسر آهن ۽ هر قسم جون خوبيون
سندس عبارت ۾ موجود پڻ. مختلف موقعن لاءِ سندس عبارت مختلف آهي. هر طرف سان سندس
ذات باڪمال هئي. جيڪڏهن صرف شاعر ڪري ليکبس ته شاعرن جو شاه هو، جيڪڏهن صوفين جي
صف ۾ شامل ڪبس ته فاني في الله هو، ۽ جيڪڏهن عاسقن جي قطار ۾ ڳڻبس ته عاشقن جو تاج
هو. سندس ڪماليت جو دامن نهايت وسيع هو.
سعيد سارنگ قريشي
حوالو : پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻي
سعيد سارنگ قريشي
حوالو : پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻي